قابل ڏاهري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صحافي قابل ڏاھري
معلومات شخصيت
ڄم 25 جنوري 1954ع
شاھپور چاڪر ٫ سانگهڙ ٫سنڌ
تاريخ موت 1 آگسٽ 1992ع
وجه موت گڙدن جي بيماري
والدين عبدالواحد ڏاھري

قابل ڏاھري: نامور اديب ۽ صحافي قابل ڏاهري 25 جنوري 1954ع تي شاهپور چاڪر ڀرسان ڳوٺ عمر ڏاهريءَ ۾ عبدالواحد ڏاهريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم[سنواريو]

پرائمري کان مئٽرڪ تائين شاهپور چاڪر ۾ پڙهيو. انٽر جي تعليم گورنمينٽ ڪاليج سانگهڙ مان حاصل ڪيائين. ڪاليج ۾ شاگرد يونين جي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي شاگردن جا مسئلا حل ڪرائيندو هو. هن صحافت ۽ سوشالاجي ۾ ايم.اي فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ ڪئي.سنڌ يونيورسٽي مان ايم. اي ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪئي.

صحافت جو پسمنظر[سنواريو]

هن شاگرديءَ واري زماني کان لکڻ شروع ڪيو ۽ اخبارن ۾ کليو سچ لکڻ ڪري تر جي هڪ وڏيري گهر تيپوليس جو ڇاپو هڻائي کيس گرفتار ڪرايو ۽ مٿس ڪيس هلائي کيس سينٽرل جيل ڪراچي ۾ رکيو ويو. ڪجهه عرصي بعد ڪورٽ کيس باعزت آزاد ڪيو، جنهن بعد حيدرآباد مان باقاعدي صحافت جي شروعات ”مهراڻ“ اخبار کان ڪيائين. جتيهن حُر تحريڪ بابت ڀرپور مضمون لکيا ۽ ڪافي ڄاڻ مهيا ڪئي ۽ گڏوگڏ هن سنڌ يونيورسٽي ۾ به داخلا ورتي. هو صبح جو يونيورسٽي ويندو هو ۽ شام جو پريس تي ڪم ڪندو هو. ان دوران هن ”حر تحريڪ جو سماجي جائزو“ عنوان هيٺ تحقيقي مقالو پڻ لکيو، هن ڪيترائي مضمون، مقالا، ترجما ۽ اخباري ايڊيٽوريل لکيا، جيڪي پسند ڪيا ويا. صحافت جي دنيا ۾ پاڻ بلڪل بي باڪ رهيو ۽ مظلومن سان وڏي همدردي هوندي هئس بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪندي زندگي گذاري قابل ڏاهري 1990ع ڌاري حيدرآباد مان هفتيوار ”سنيهو“ پڻ شايع ڪيو.

ايوارڊ[سنواريو]

قابل ڏاهري تقريرن جي مقابلي ۾ حصو وٺي شاهه لطيف اوارڊ، اقبال اوارڊ، سورهيه بادشاهه اوارڊ، ڪافي ڪتاب ۽ ڊائريون بطور انعام حاصل ڪيا.

وفات[سنواريو]

پهرين آگسٽ 1992ع تي وفات ڪيائين.

  1. https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%DA%8F%D8%A7%D9%87%D8%B1%D9%8A%20%D9%82%D8%A7%D8%A8%D9%84