شام ۾ بي بي زينب جي روضي ويجهو بم ڌماڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

'سومر 01 فيبروري 2016'شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ حضرت سيده بيبي زینبعه جي روضي مبارڪ ويجهو آچر ڏينهن ٿيل بم ڌماڪن ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن جو انگ وڌي 65 ٿي ويو آهي. شامي ميڊيا مطابق برطانيا ۾ قائم شامي آبزرويٽر انساني حقن ٻڌايو آهي ته هڪ بم ڪار ۾ لڳل هيو ۽ حملو ڪندڙ ان کي بم سان اڏايو. هوڏانهن شام جي پرڏيهي وزارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ سيڪريٽري جنرل جي نالي نياپي ۾ دمشق ۾ ٿيل دهشتگرد حملن کي جنيوا ڳالهين کي ناڪام بنائڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. عرب ميڊيا جي ذريعن مطابق دمشق ۾ حضرت زينب عه جي مزار ويجهو ٽن ڌماڪن کان پوءِ حڪومت چيو آهي ته ٻين ملڪن جي حمايتي دهشتگردن طرفان شامي مسئلي جي نبيري بابت ڳالهين کي ناڪام بنائڻ جي سازش ٿي رهي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]