شالون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

شالون (ٻيا نالا: عربي: ساج، فارسي: شال، اردو: سال، هندي: ساکون، بنگالي: شال ڪاڇ، انگريزي: Sol Tree) مضبوط جابلو وڻ آهي، جنهن جي ڪاٺي عمارتن جي ڪم ايندي آهي. هن جي ڦر کي ڏڪار پوڻ تي ماڻهو پـِـهـِـي ماني پچائي کائيندا آهن، ڇاڪاڻ تہ منجهس نشاستو ڪافي مقدار ۾ ٿئي ٿو. ڌوپ هن جو کؤنر آهي. هن جا ٻہ قسم ٿين ٿا (1) شال (2) ساڳ وڻ جن مان پويون قسم مادي آهي. رنگ ۾ ڪاٺي ڳاڙهي، پن ساوا ۽ ڦر ڪارو ٿينس. ھي ديرادون، مسوري ۽ اولھ بنگال جي جهنگلن ۾ پيدا ٿيندڙ آهي.

طب[سنواريو]

ھن جو مزاج سرد خشڪ ۽ ذائقو تلخ آھي. ٽي ماسا خوراڪ لاءِ ورتا وڃن.

هن جو ڌوپ باھ ۾ وڌو وڃي تہ خوشبوءَ ڇڏي ٿو. ان ڪري هندو گهراڻن ۾ مورتيءَ جي پوڄا ويل ساڙيندا آهن. قابض هئڻ سبب کنڊ سان پيچش لاءِ ڏيندا آهن. ڌوپ ڏهن رتين جي انداز ۾ اڌ سير اوٻاريل کير ۾ملائي روزانو صبح جو پيارجي تہ قوت باھ زياده ٿئي ٿي. هن جي ٻوري جي دونهين کان مڇر ڀڄي وڃن ٿا. وبائي هوا جي خرابي وغيره دور ٿي وڃي ٿي. سندس ليپ سوڄ نيسائي ٿو. معدي جي سوزش ۽ پياس لاءِ مفيد آهي. هن سان دموي ۽ صفراوي سوڄ هٽي وڃي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: ۲۰۰۷ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو