مواد ڏانھن هلو

شاردا سنھا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شاردا سنھا
پيدائش1 آڪٽوبر 1952
Hulas, Raghopur, سپول ضلعو، بھار (ڀارت)[1]
رھائشبيگوسرائي، بھار (ڀارت)[حوالو گهربل]
پيشوڳائڻي
سَرگَرمُ سالَ1980–present
جيون ساٿيDr.Brajkishore Sinha
اعزازپدم ڀوشن

شاردا سنھا (انگريزي ٻولي: Sharda Sinha) ميٿلي ٻولي جي لوڪ ڳائڻي آھي. هيءَ ڀوجپوري ٻولي ۽ مگهئي ٻولي ۾ پڻ راڳ ڳائيندي آهي. ميٿلي ٻولي ۾ مشهور ڇٺ پوجا وارو گيت هو ديناناٿ سندس ئي ڳايل آهي. ڀارت جي سرڪار کيس 2018 واري جمهوريا ڏهاڙو جي موقعي تي رياست جو ٽيون وڏو شهري ايوارڊ پدم ڀوشن سان نوازيو.[2][3]

جيون ڪٿا

[سنواريو]

شاردا سنها جو جنم ڀارت جي رياست بهار جي سپول ضلعو ۾ هولاس، رگهوپور ڳوٺ ۾ ٿيو.[1]

ڪيريئر

[سنواريو]

هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ميٿلي گانن سان ڪئي. ميٿلي کانسواءِ هيءَ ڀوجپوري ۽ مگهائي ٻولين ۾ ڳائيندي آهي. راڳ لاءِ سندس خدمتن جي عيوضي ۾ هندستان جي حڪومت کيس پدم ڀوشن اعزاز سان نوازيو.[4] پرياگ سنگيت سميتي الهہ آباد ۾ بسنت مهوستسو کي آرگنائز ڪيو، جنهن ۾ پدم شري شاردا سنها بهار جي مُندَ جا لوڪ گيت ۽ گانا پيش ڪيا.[5][5] هيءَ درگا پوجا جي موقعي تي هر سال ڳائيندي آهي ۽ لوڪ گيت پيش ڪندي آهي.[6][7] هن وزيراعظم ماريشس نائين رام گولان جي بهار آمد جي موقعي تي پڻ پنهنجا گيت ڳايا.[8][9]

2010 ۾ پرگتي ميدان، نئي دهلي ۾ بهار اتسومي جي موقعي تي پڻ هن کي ڳائڻ جو موقعو مليو هيو.[10] هن بالي ووڊ کي پڻ پنهنجو سُريلو آواز ڏنو آهي. 1989 ۾ باليووڊ فلم مئين ني پيار ڪيا ۾ هن “ڪهي تو سي سجنا“ گانو ڳايو هيو. فلم (گينگز آف واسع پور-ٻئي) لاءِ هن “تار بجلي سي پتلي“ گانو ڳايو ۽ چار فوٽيا ڇوڪري فلم لاءِ “ڪون سي نگريا“ گانو کي پڻ پنهنجو آواز اَرپيو هيو.[11]

شاردا سنها ۽ ڇٽ

[سنواريو]

شاردا سنها کي ماڻهو ڇٽ جي سبب ياد ڪندا آهن. ايئن پڻ چئجي تہ شاردا سنها ۽ ڇٽ کي هڪ ٻئي سان گڏ ياد ڪيو ويندو آهي. هن پاران 2016 ۾ اَٽڪل هڪ ئي ڏهاڪو کانپوءِ ڇٽ جي لاءِ ٻہ گانا ڳائي عقيدت مندن (فينز) جي دل خوشي سان ڀري ڇڏي هئي.[12] سندس پڇاڙڪو البم جيڪو مذهبي ۽ روحاني گيتن تي ٻڌل هيو، سو 2006 ۾ جاري (رليز) ٿيو هيو.[12]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 سانچو:Cite interview
  2. "Government announces recipients of 2018 Padma awards". دي ٽائمز آف انڊيا. 26 جنوري 2018. 26 جنوري 2018 تي حاصل ڪيل.
  3. "This Chhath Puja song is making people so nostalgic, they want to go home". دي انڊين ايڪسپريس. نومبر 4، 2016. نومبر 28، 2016 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |accessdate= and |date= (مدد)
  4. "Padma Awards" (PDF). Ministry of Home Affairs, Government of India. 2015. 21 جولاءِ 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Check date values in: |accessdate= (مدد)
  5. 1 2 "of spring narrated through folk songs". دي ٽائمز آف انڊيا. مارچ 22، 2009. اصل نسخو مان 2012-10-23 تي محفوظ ڪيل. اپريل 25، 2009 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |accessdate= and |date= (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  6. Manisha Prakash (آڪٽوبر 4، 2003). "Music maestros add to Puja festivities". دي ٽائمز آف انڊيا. اصل نسخو مان 2012-10-23 تي محفوظ ڪيل. اپريل 25، 2009 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |accessdate= and |date= (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  7. "Puja euphoria reaches a crescendo". دي ٽائمز آف انڊيا. آڪٽوبر 4، 2003. اصل نسخو مان 2012-10-23 تي محفوظ ڪيل. اپريل 25، 2009 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |accessdate= and |date= (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  8. Faizan Ahmad & Dipak Mishra (فيبروري 19، 2008). "Mauritius scholarship for two". دي ٽائمز آف انڊيا. اصل نسخو مان 2012-10-23 تي محفوظ ڪيل. اپريل 25، 2009 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |accessdate= and |date= (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  9. "A new brand of music in Gangs Of Wasseypur series – Times of India". The Times of India. 31 جنوري 2020 تي حاصل ڪيل.
  10. "Sharda Sinha's performance at Bihar Utsav an instant hit". دي ٽائمز آف انڊيا. مارچ 28، 2010. اصل نسخو مان 2011-08-11 تي محفوظ ڪيل. مارچ 29، 2010 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |accessdate= and |date= (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  11. Gangs of Wasseypur Part 2: Music Review, 2020-03-01 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)CS1 maint: deprecated archival service (ڳنڍڻو)
  12. 1 2 Amit Bhelari (نومبر 4، 2016). "Sweet and sour festive notes in the air – Sharda back with a bang after decade". دي ٽيلي گراف (ڀارت). نومبر 28، 2016 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |accessdate= and |date= (مدد)