سکمرد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سکمرد (عربي: عصي الراعي، فارسي: هزار بندڪ، ھندي/اردو، وغيره: لال ساگ، سرخ موٽي، بطباط، اذان الفز) ننڍو ٻوٽو ڪلنگي دار پنن سان ٿئي ٿو، هن جون شاخون ڳاڙهي رنگ تي ٿينديون آهن. برسات جي موسم ۾ پيدا ٿيندو آهي.

طب[سنواريو]

اثر: سرد خشڪ 1، نقصان: ڦڦڙن کي، ميل: بنفشو ۽ شربت صندل، عيوض: مريڙو، وزن: هڪ تولو.

خاصيت: هن جي پنن جو ساڳ رڌي کارائجي، پن گهوٽي پيارجن، ته رت جي دستن، حيض جي رت جي گهڻائي، سلهہ جي رت ۽ جگر جي گرميءَ کي گهٽ ڪندو آهي. ڦٽن ۽ ڦرڙين، رحم جي سوڄ، ڪن جي سور، سنڌن جي سور، پيٽ جي سور، ۽ قولنج لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.