سيد جلال الدين شير شاھ سرخ پوش بخاري
ڏيک
| سيد جلال الدين شير شاھ سرخ پوش بخاري | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| ڌرم | |
| ترميم | |
سيد جلال الدين شير شاھ سرخ پوش بخاري (جنم: 1192ع- وفات 1291ع) برصغير جو مشهور صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جو 15 پيڙهين کان پوءِ شجرو حضرت علي رضه سان ملي ٿو. پاڻ هميشه ڳاڙهو لباس پهريندا هئا جنهن ڪري سرخ پوش سڏجڻ لڳا. برصغير جا بخاري خاندان سندس پونيَرن ۾ ليکجن ٿا. پاڻ اُچ شريف ۾ مدفون آهن.[1]