سوڌا مورتي
سُوڌا مُورتي | |
---|---|
پيدائش | سوڌا مولڪرني آگسٽ 1950 (عمر 74 سال) سولگائي، جمخندي،ڪرناٽڪ، ڀارت |
رھائش | بنگلور بينگلور، ڪرناٽڪ، ڀارت |
شھريت | ڀارتي |
پيشو | چيئرپرسن، انفوسس فائونڊيشن، قلم ڪار (ڪنڙ ۽ انگريزي) |
جيون ساٿي | اين آر ناراين مورتي |
ٻار ٻچا | روهن مورتي، اڪشتا مورتي |
سوڌا مورتي (انگريزي ٻولي: Sudha Murty) ڪنڙ ٻولي جي ڀارتي اُستادياڻي ۽ ليکڪا آهي. هن پنهنجي ڪُرت واري زندگي جي شروعات ڪمپيوٽر سائنس ۽ انجيئرنڱ ۾ ڪئي. هيءَ انفوسس فائونڊيشن جي چيئرپرسن ۽ گيٽس فائونڊيشن جي رُڪن (ميمبر) آهي.[1][2] هن ڪيترا ئي اناٿ آشرم (آرفنيج) قائم ڪيا آهن، هيءَ ڳوٺاڻي ترقياتي ڪمَ ۾ سرگرم رهي آهي ۽ ڪرناٽڪ جي ودياشالن (اسڪولن) ۾ ڪمپيوٽر ۽ لائبريري جون سهوليتون ڏيڻ لاءِ هيءَ لاڳاپيل تحريڪُن ۾ سهڪار ڪندي رهندي آهي. هن هارورڊ يونيورسٽي ۾ ‘دي مورتي لائبريري آف انڊيا‘ جي نالو سان هڪ لائبريري بڻائي آهي.[3][4][5] هن ڪرناٽڪ جي ودياشالائن (اسڪولن) ۾ ڳڻپيوڪر (ڪمپيوٽر) کي عام ڪرڻ لاءِ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي آهي. هيءَ پاڻ ڪمپيوٽر سائنس پڙهائيندي آهي. 1995ع ۾ کيس روٽيري ڪلب بنگلور طرفان بهترين اُستاد ايوارڊ (بيسٽ ٽيچر ايوارڊ) مليو. کيس هڪ بهترين سماجي ڪرمچاري طور سُڃاتو ويندو آهي. هيءَ انگريزي ۽ ڪنڙ ٻولين ۾ لکندي پڻ آهي. هن ڪنڙ ٻولي ۾ هڪ ناول ڊالر سوسي (سنڌي:نُهنُ، انگريزي، ڊالر ڊاٽر اِن لا) لکيو جنهنکي پوءِ انگريزي ۾ ڊالر نُنهن جي نالو سان ترجمو پڻ ڪيو ويو. 2001ع ۾ زي ٽي وي ان ناول جي ڪهاڻي تي هڪ ٽي وي سلسلو پڻ بڻايو.[6] انهن سڀني کانسواءِ هن پاران هڪ مراٺي ٻولي جي فلم پترورون ۽ ڪنڙ ٻولي جي هڪ فلم پرارٿنا ۾ پڻ اداڪاري پڻ ڪئي آهي. ڪون بني گا ڪروڙ پتي جي 11هون سيزن ۾ آخري هفتو جي ڪرم وير ايپيسوڊ پڻ آئي هئي.
مُنڍائتي زندگي ۽ اڀياس
[سنواريو]سوڌا مورتي جو جنم 19 آگسٽ 1950 تي سولگائي، جمخندي، ڪرناٽڪ، ڀارت جي هڪ برهمڻ خاندان ۾ ٿيو۔ سندس پيءُ جو نالو ڊاڪٽر آي ايچ ڪولڪرني ۽ امڙ جو نالو وملا ڪولڪرني آهي. هن اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرانڪ انجينئري ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ انڊيا انسٽيٽيوٽ آف سائنس منجهان ماسٽرز ڪئي اٿائين. هن گريجوئيشن ۽ ماسٽرز ٻنهين ۾ سونَ جو ٻِلو (گولڊ ميڊل) حاصل ڪيو آهي.[7]
ڪيريئر
[سنواريو]مورتي ٽاٽا انجينيئرنگ اينڊ لوڪوموٽو ڪمپني ۾ ملازمت ماڻيندڙ پهرئين ناري آهي. هيءَ ڪمپني ڀارت جي سڀ کان وڏي آٽو موبائل ڪمپني آهي. هن پوني شهر منجهان ملازمت جي شروعات ڪئي ۽ انکانپوءِ ممبئي ۽ پوءِ وري جمشيد پور ۾ اچي ڪم ڪيائين. هن پاران ڪمپني ۾ جنسي جانبداري (استحصال) جي شڪايت ڪندي چيئرپرسن کي هڪ ٽپال خط (پوسٽ ڪارڊ) روانو ڪري ڏنو هيو جنهن کانپوءِ هن جو هڪ انٽرويو ٿيو ۽ کيس ملازمت ملي وئي هئي. 1996 ۾ هن انفوسس فائونڊيشن جو بڻياد رکيو. هيءَ انفوسس جي ٽرسٽي آهي ۽ بينگلور يونيورسٽي ۾ پروفيسرياڻي آهي. هن ڪرائسٽ يونيورسٽي، بينگلور ۾ سکيا-تدريسي خدمتون انجام ڏنيون آهن.[8] هن ڪيترائي ڪتابَ لکيا آهن جن ۾ 6 ناول، 3 تدريسي ڪتابَ، 2 ٽيڪنيڪي ۽ٻيون لکڻيون شامل آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Ratan Tata, Rahul Dravid on Gates Foundation board آرڪائيو ڪيا ويا 22 May 2013[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.۔ tata.com (15 جولاءِ 2003)۔ Retrieved on 8 ڊسمبر 2011.
- ↑ Gates Foundation's AIDS initiative launched۔ The Hindu (6 ڊسمبر 2003)۔ Retrieved on 8 ڊسمبر 2011.
- ↑ Sudha Murthy: Humility personified۔ Business-standard.com (23 جنوري 2011)۔ Retrieved on 8 ڊسمبر 2011.
- ↑ Vinita Chaturvedi (18 آڪٽوبر 2011) I'm enjoying my acting stint: Sudha Murthy آرڪائيو ڪيا ويا 2013-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.۔ Times of India۔
- ↑ Home | The Murthy Classical Library of India۔ Murtylibrary.com. Retrieved on 31 مئي 2013.
- ↑ Arshiya Kapadia (30 سيپٽمبر 2001) The million-dollar name behind Dollar Bahu۔ Tribuneindia.com. Retrieved on 8 ڊسمبر 2011.
- ↑ Sudha Murthy | The Woman Behind | Narayan Murthy Wife آرڪائيو ڪيا ويا 15 July 2012[Date mismatch] at Archive.is۔ Living.oneindia.in (17 آگسٽ 2011)۔ Retrieved on 8 ڊسمبر 2011.
- ↑ "Presenting Harmony's silvers – sparkling lives, success stories, accounts of endurance, courage, grit and passion". harmonyindia.org. وقت 24 سيپٽمبر 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 ڊسمبر 2015. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد); Check date values in:|access-date=, |archive-date=
(مدد)
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- چتاءُ ويب آرڪائيو سانچو
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- حوالا ۾ غلطيون: تاريخ
- 1950ع جون پيدائشون
- بنگلور کان اديب
- بينگلور کان سائنسدانَ
- جيئرا ماڻهو
- سماجي ڪم ۾ پدما شري حاصل ڪندڙ
- هاويري ضلعي جا ماڻهو
- هندستاني سماجي ڪارڪن ناريون
- ٻاراڻي ادب جون هندستاني ناريون ليکڪائون
- ڀارت کان انگريزي ٻولي جا اديب
- ڪاناڊا ماڻهو
- ڪنڙ ٻولي جا ليکڪ
- 1951ع جون پيدائشون
- جيوت ماڻهو