سوره المائدہ
مدني سورہ المائدہ دسترخوان | |
---|---|
درجابندي | مڪي/ مدني |
ٻيا نالا | دعوت طعام |
نزول جو وقت | 6 کان 7ھجري |
سيپارا | سيپارو 6کان 7 |
رڪوعن جو تعداد | 16 |
آيتن جو تعداد | 120 |
لفظن جو تعداد | 2837 |
اکرن جو تعداد | 11892 |
سوره المائدہ (انگريزي: Feast ) قرآن شريف جي پنجين سورة آھي جيڪا مدني آهي جنھن ۾ 120 آيتون آهن. ھن سورة ۾ 16 رڪوعون آھن ۽ ان جو نازل ٿيڻ جو وقت 6 کان 7 ھجري وارو آھي. ھن سورة جو نالو ان جي پندرھين رڪوع جي ھڪ آيت ۾ آيل لفظ مائدہ مان ورتل آهي.
نزول جو وقت
[سنواريو]ھي سورة صلح حديبيه کان پوء، 6 ھجري جي آخر ۾ يا 7 ھجري جي شروع ۾ نازل ٿي ھئي[1]. ذوالقعد 6 ھجري وارو واقعي مطابق نبي ﷺ جن 1400 مسلمانن سان گڏجي عمرو ڪرڻ لاء مڪي ويا ھيا پر ڪافرن کيس عمرو ڪرڻ نہ ڏنو ۽ اھو طئي ٿيو تہ مسلمان ايندڙ سال اچي عمرو ڪن. ان واقعي ۾ ضرورت پيدا ٿي تہ مسلمانن کي ڪعبي جي زيارت لاء آداب ٻڌايا وڃن تہ جيئن ايندڙ سال عمرو اسلامي شان سان ادا ڪيو وڃي[1].
نزول جو شان
[سنواريو]جنگ احد کان پوء مديني جي چوڌاري وارو ماحول مسلمانن لاء خطرن سان ڀرجي چڪو ھو ۽ ان دؤر ۾ سورة آل عمران ۽ سورة النساء نازل ٿيون پر جنھن ماحول ۾ سورة المائدہ نازل ٿي ان وقت حالات بدلجي چڪا ھيا[1]. مديني جي رياست جون حدون نجد، شام، ڳاڙھي سمنڊ ۽ مڪي جي ويجھو تائين ڦھلجي چڪيون هيون ۽ مسلمان عربستان ۾ ناقابل شڪست طاقت بنجي چڪا هئا. مسلمانن جي ھاڻي مستقل تھذيب ٺھي چڪي هئي[1].