سنڌ ۽ پنجاب جي گڏيل حڪومت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

يجرويد واري زماني ۾ ڪيترا آريه لوڪ سنڌ ۾ پنجاب مان لڏي مڌيا ديش ڏي ويا، ته آنو آريه لوڪن جو مڪو مچي ويو. اُهي پنهنجي تمام آڳاٽي وڏي ڏاڏي راجا آنوءَ جي نالي پٺيان ’آنوَ‘ يا ’اَنوُ‘ (Anava) يعني راجا آنوءَ جو اولاد سڏبا هئا، ۽ ڪي پنهنجي ويجهي ڏاڏي ’شوي‘ جي نالي پٺيان ’شوي آريا ‘ سڏبا هئا. رگ ويد واري زماني ۾ اهي پرشني (راوي) نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا. انهيءَ پاسي هو جنهن هنڌ ڄاوا نپنا هئا سو هنڌ سندن نالي پٺيان ’شوِپَور‘ (شوي، سبي) سڏبو هو، ۽ هاڻ شارڪوٽ ڪوٺجي ٿو. انهن شوي آرين جي اولاد مان هڪڙو هو ڪيڪيا ۽ ٻيو سؤوير. انهن ٻن ڀائرن پنجاب جا ڪي ڀاڱا هٿ ڪيا، جي سندن نالن پٺيان ڪيڪيه ۽ سؤوير سڏجڻ ۾ آيا. سندن ٻين ڀائرن پنجاب جا ٻيا پاسا هٿ ڪيا. انهيءَ ريت شوي آرين سڄوئي پنجاب، بلڪ ايران جو ڪجهه پاسو، پنهنجي قبضي ڪيو. پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي، ته انهن شوي آرين سنڌ به فتح ڪئي. انهيءَ ريت پنجاب ۽ سنڌ جي گڏيل حڪومت ٿي.

آنوُ يا شوي آرين جا ڏورانهان سؤٽ درهيوُ آريه هئا. انهن مان هڪ راجا گانڌار هو، جنهن هاڻوڪو پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ پنهنجي قبضي ڪيو هو ۽ اهو سندس نالي پٺيان ’گنڌار‘ سڏبو هو، جنهن جو اُچار هاڻي قنڌار ڪيو اٿن. انهن درهيوُ آرين مان ڪيترا پنجاب ۾ هئا، تن کي آنو آرين اتان هڪاليو ته اهي گنڌار ڏي وڃي رهيا.[1]

حوالا[سنواريو]