مواد ڏانھن هلو

سنڌ جو چيف سيڪريٽري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌ جو چيف سيڪريٽري
جوابدهوڏو وزير، سنڌ
سيٽڪراچي
مقرر ڪندڙوزيراعظم
ويب سائيٽحڪومت سنڌ

سنڌ جو چيف سيڪريٽري (انگريزي: Chief Secretary Sindh، مخفف: CS Sindh)، سنڌ جي ڪامورن جو سربراهه ۽ سنڌ حڪومت جو اعلي سرڪاري عهديدار هوندو آهي. هن عهدي جي مقرر سڌي ريت پاڪستان جو وزير اعظم ڪندو آهي. هي عهدي جي لحاظ کان وفاقي سيڪريٽري جي برابر هوندو آهي. هن عهدي جي آفيسر جو تعلق اڪثر پاڪستان جي انتظامي خدمتن واري شعبي سان هجي ٿو.[1]


چيف سيڪريٽري ضلعي جو اتنظامي سربراهه هوندو آهي، جنهن کي سمورا اتنظامي سيڪريٽري رپورٽ ڪندا آهن ۽ چيف سيڪريٽري اهي رپورٽ وڏي وزير کي موڪليندو آهي. پر چيف سيڪريٽري وڏي وزير جي ماتحت نه هوندو آهي، ان کي مقرر يا هٽائڻ جو فيصلو پاڪستان جو وزيراعظم ڪندو آهي. چيف سيڪرٽري وڏي وزير جو اعلي صلحڪار پڻ هوندو آهي.[2][3][4]

فهرست

[سنواريو]

جون 2000ع کان پوءِ مقرر ٿيل چيف سيڪريٽرين جي فهرست.

ترتيب.نالوعهدو سڀاليوعهدو ڇڏيو
1جاويد اشرف حسينجُونِ 2000جُولاءِ 2002
2ڪليم بخش رندجُولاءِ 2002جُونِ 2003
3متوڪل قاضيجُونِ 2003جُولاءِ 2004
4اسلم سنجراڻيجُولاءِ 2004مَئي 2005
5فضل الرحمانمَئي 2005مارچ 2007
6شڪيل درانيمارچ 2007جُولاءِ 2007
7اعجاز قريشيجُولاءِ 2007نومبر 2007
8فضل الرحماننومبر 2007آگسٽ 2010
9راجا محمد عباسجُونِ 2011اپريل 2013
10محمد اعجاز چوڌرياپريل 2013نومبر 2013
11سجاد سليم هوتيانانومبر 2013مارچ 2015
12محمد صديق ميمڻمارچ 2015نومبر 2016
13رضوان ميمڻنومبر 2016جُونِ 2018
14اعظم سليمان خانجُونِ 2018سيپٽمبر 2018
15ممتاز علي شاههسيپٽمبر 2018تاحال

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Chief Secretary - Government of Sindh". sindh.gov.pk.
  2. "Prospective candidates for Chief Secretary Sindh". September 2010. {{cite web}}: Cite has empty unknown parameter: |1= (help)
  3. Newspaper, From the (24 June 2011). "Raja Abbas is Sindh's new chief secretary".
  4. Reporter, The Newspaper's Staff (13 March 2015). "Sindh gets new CS after weeks of controversy".