سنڌ جو چيف سيڪريٽري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌ جو چيف سيڪريٽري
مقرر ڪندڙ وزيراعظم
ويب سائيٽ حڪومت سنڌ

سنڌ جو چيف سيڪريٽري (انگريزي: Chief Secretary Sindh، مخفف: CS Sindh)، سنڌ جي ڪامورن جو سربراهه ۽ سنڌ حڪومت جو اعلي سرڪاري عهديدار هوندو آهي. هن عهدي جي مقرر سڌي ريت پاڪستان جو وزير اعظم ڪندو آهي. هي عهدي جي لحاظ کان وفاقي سيڪريٽري جي برابر هوندو آهي. هن عهدي جي آفيسر جو تعلق اڪثر پاڪستان جي انتظامي خدمتن واري شعبي سان هجي ٿو.[1]


چيف سيڪريٽري ضلعي جو اتنظامي سربراهه هوندو آهي، جنهن کي سمورا اتنظامي سيڪريٽري رپورٽ ڪندا آهن ۽ چيف سيڪريٽري اهي رپورٽ وڏي وزير کي موڪليندو آهي. پر چيف سيڪريٽري وڏي وزير جي ماتحت نه هوندو آهي، ان کي مقرر يا هٽائڻ جو فيصلو پاڪستان جو وزيراعظم ڪندو آهي. چيف سيڪرٽري وڏي وزير جو اعلي صلحڪار پڻ هوندو آهي.[2][3][4]

فهرست[سنواريو]

جون 2000ع کان پوءِ مقرر ٿيل چيف سيڪريٽرين جي فهرست.

ترتيب. نالو عهدو سڀاليو عهدو ڇڏيو
1 جاويد اشرف حسين جُونِ 2000 جُولاءِ 2002
2 ڪليم بخش رند جُولاءِ 2002 جُونِ 2003
3 متوڪل قاضي جُونِ 2003 جُولاءِ 2004
4 اسلم سنجراڻي جُولاءِ 2004 مَئي 2005
5 فضل الرحمان مَئي 2005 مارچ 2007
6 شڪيل دراني مارچ 2007 جُولاءِ 2007
7 اعجاز قريشي جُولاءِ 2007 نومبر 2007
8 فضل الرحمان نومبر 2007 آگسٽ 2010
9 راجا محمد عباس جُونِ 2011 اپريل 2013
10 محمد اعجاز چوڌري اپريل 2013 نومبر 2013
11 سجاد سليم هوتيانا نومبر 2013 مارچ 2015
12 محمد صديق ميمڻ مارچ 2015 نومبر 2016
13 رضوان ميمڻ نومبر 2016 جُونِ 2018
14 اعظم سليمان خان جُونِ 2018 سيپٽمبر 2018
15 ممتاز علي شاهه سيپٽمبر 2018 تاحال

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]