مواد ڏانھن هلو

سنڌ جا يهودي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اسحاق موسا (Ishaq Mossa) ان ڳالهه کي رد ٿو ڪري ته هاڻي ڪراچي (Karachi) ، سنڌ (Sindh) ۾ ڪي يهودي نٿا رهن. هن جو چوڻ آهي ته آئون پاڻ يهودي آهيان ۽ هن وقت به ڪراچي ۾ اٽڪل 10 يهودي خاندان (Jewish families) گذريل ٻن صدين کان هتي رهن پيا. اسحاق موسا ٻڌايو ته ڪجهه سببن جي ڪري ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي يهودي پنهنجي سڃاڻپ ڳجهي رکن ٿا. اسحاق موسا موجب، هتي اسان جي پنهنجي هڪڙي ننڍڙي دنيا آهي. هنن ڏهن ئي خاندانن لاءِ منهنجو گهر گڏيل ڌرمي عبادت جو هنڌ آهي.

20 هين صدين جي شروع ۾ ڪراچي، سنڌ ۾ اڍائي هزارن کان وڌيڪ يهودي رهندا هئا، جن جي اڪثريت واپار، سرڪاري نوڪرين ۽ مختلف ڌنڌن سان واڳيل هئي. اهي سنڌي سان گڏوگڏ گهرن ۾ هومراڇي ٻولي (Homrachhi Language) ڳالهائيندا هئا. 1893ع ۾ ڪراچي, سنڌ جي يهودين پهرين عبادتگاهه، جنهن کي سنيگاگ چيو وڃي ٿو، ان کي 1893ع سليمان دائود عمر ڊيڪر (Soloman David Umerdekar) ۾ اڏايو هئو. ان عبادتگاهه جو نالو ميگن شيلوم سنيگاگ (Magain Shalome Synagogue : בית הכנסת מגן שלום‎‎) رکيو ويو. 1903ع ۾ سندن پهرين باقاعده فلاحي تنظيم ٺهي، جنهن جو نالو ينگ مين جيوئش ايسوسيئيشن (Young Man Jewish Association) هو. ان تنظيم جو مقصد ڪراچي، سنڌ جي يهودي ڪميونٽي جي لاءِ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ هو. ان کان پوءِ ”ڪراچي، سنڌ ۾ بني اسرئايل رليف فنڊ“ (Karachi-Sindh Israel Relief Fund) قائم ٿيو، جنهن جو مقصد غريب يهودين جي مالي مدد ڪرڻ هو. 1918ع ۾ اهي سرگرميون هڪ وک اڳتي وڌيون ۽ بي گهر غريب يهودين کي ٿوري رقم جي عيوض پنهنجي گهر جي ڇت ڏيڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ”جيوئش سنڊيڪيٽ“ (Jwish Syndicate) قائم ڪيو ويو. 1939ع ۾ انهن يهودين جو مقامي اڳواڻ ابراهام ريوبين (Ibrahim Robin) ڪراچي، سنڌ جي ميونسپلٽي جو پهريون يهودي ڪائونسلر چونڊيو ويو.

ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ٺهڻ کان يڪدم پوءِ ڪراچي، سنڌ ۾ رهندڙ يهودين جو سونهري دور پورو ٿيو ۽ صديون پراڻو داستان هڪ ڀيرو وري ڪراچي ۾ ورجائجڻ لڳو. 1948ع، 1956ع ۽ 1967ع وارين عرب اسرائيل جنگين جي نتيجي ۾، هتان جي مذهبي ڪٽرپڻي ۾ وڪوڙيل ڌرين جي ڏهڪاءُ سبب، سنڌ جا سنڌي يهودي حياتيون بچائڻ لاءِ هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيا. ايستائين جو 1968ع تائين ڪراچي ۾ يهودي ڪميونٽي جو انگ گهٽجي رڳو 250 وڃي بچيو. ان دوران ڪراچيءَ ۾ يهودين جي اڪيلي عبادتگاهه کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو. ائين حالتن کي نظر ۾ رکندي باقي بچيل يهودين پنهنجي سڃاڻپ کي ڳجهو رکڻ شروع ڪيو. ڪراچي، سنڌ کان سواءِ پاڪستان ۾ يهودين جو هڪ ننڍو انگ پشاور ۽ راولپنديءَ ۾ به موجود هئو ۽ اتي سندن ٻه عبادتگاهون هيون پر ان عرصي ۾ اهي به لڏي ويا ۽ عبادت گاهون ويران ٿي ويون. [1] [2]

هتان وڏي انگ ۾ يهودين ايران رستي هندوستان، اسرائيل ۽ برطانيا هجرت ڪئي. سندن پويان رهجي ويل ڪراچي جو آخري ميگن شيلوم سنيگاگُ 80ع جي ڏهاڪي ۾ ڊاهي ان جي جاءِ تي شاپنگ سينٽر قائم ڪيو ويو. اها عبادت گاهه رنڇوڙ لائين ۾ هئي، جيڪو ڪڏهن پارسي ۽ يهودي ڪميونٽي جو ڳڙهه هوندو هئو. ان جي ڊهڻ کان پوءِ ڪراچي کان رملا هجرت ڪري ويل يهودين اتي هڪ سنيگاگ ٺاهيو، جنهن جو نالو ڊاٺل عبادتگاهه جي ياد ۾ ميگن شيلوم سنيگاگ (Magain Shalome Synagogue) رکيو ويو. [[1]]

ڪراچي، سنڌ ۾ يهودين جو قبرستان ميوه شاهه ۾ هو، جتي اڄ به ڪراچي جي يهودي رهواسين جون قبرون موجود آهن، اتي ٻوٽن ۾ گهيريل زمين جي ننڍي ٽڪري تي هڪ ننڍڙو مقبرو آهي، جنهن ۾ ڪراچي، سنڌ جي پهرين ۽ آخري يهودي عبادتگاهه شيلوم سنيگاگ ٺهرائيندڙ سولومن ڊيوڊ (Soloman David) ۽ سندس گهر واري شيولا ٻائي (Shivila Bai) جون قبرون آهن. سولومن ڊيوڊ بلديا ڪراچي ۾ سرويئر طور ملازم هو. هاڻ اهو قبرستان مسلمانن جي استعمال ۾ آهي ۽ تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته ان زمين تي ابدي ننڊ سمهڻ جو حق ڪڏهن يهودين کي به حاصل هو. [3]

1870ع ۾ يهودي ۽ مسيحي بائيل ۽ يهودي گيت سنڌي ٻولي ۾ ڇپيا هئا. پر افسوس جو اسان جي نااهليءَ سبب اهو سڄو تاريخي خزانو گم ٿي چڪو آهي. [4]

حوالا

[سنواريو]