سنڌي ۽ پاليءَ جون هڪجهڙايون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جڏهن سنڌ جي سپت سنڌو (Sapat Sindhu) تي اجاراداري هئي ته سنڌي زبان ٻين پاسي وارن خطن جي زبانن تي اثر وڌا. قديم آثار ٻڌائين ٿا ته مهاتما گوتم ٻڌ جي مگهڌي پالي زبان (Paali zubaan) تي سنڌي زبان جو حد کان وڌيڪ اثر هو, سنڌي زبان ان دور جي هڪ لنگئا فرانڪا يا رابطي جي زبان وانگر سنڌ توڙي هند ۾ ڪم ايندي هئي. ٻڌ مت جي زبان پالي ۾ سوين اهڙا لفظ آهن، جيڪي سنڌي ۽ پالي زبان ۾ هڪجهڙيون رکن ٿا, ۽ ساڳئي لفظي معنائون رکن ٿا، سنڌي زبان جي ان دور ۾ سنسڪرت جو ورلي ئي ڪو نالو ٻڌڻ ۾ ايندو هو, اڃان تائين اهڙي ڪابه شاهدي, ڪتبو, لکت نه ملي آهي، جيڪا پالي کان قديم هجي, صرف پالي جون قديم پٿر تي لکيتون مليون آهن ۽ سنڌي زبان پالي کان به قديم هئي, ان دور ۾ سنسڪرت (Sanskrit) ته ڇا اردو ۽ هندي جو نالو نشان نه هو.

پالي ۽ سنڌي ٻوليءَ جون هڪجهڙايون[سنواريو]

آلا = آلو بالا =ٻالو ونا,=بنا ڏوراتو= ڏور اٿا = هت ايها = اهو اپارا = پرائو منيتا = مان وارو وٽولا = وٽ , تور وارا تکيڻا = تکو هينا = هيڻو مُدو = مڏو گمڀيرا = ڳنڀير ويرا = وير نڀايه = نڀاءُ وارو ندا = نندڻ الاسا = آلس , سستي دگها = ڊگهو اتما = اتم سوڀانا = سوڀيا ٿلا = ٿلهو سوڀاگو = سڀاڳو ني = نه سندرا = سندر ڪسا = ڪسو اوچا = اوچو نيچا = نيچو اڇلا = اڇل سڪه = سڪو رايه = راءُ نيه = نينھ جاياتي = ڄڻيو سڀي = سڀني مان = مان , عزت دس = ڏس وس = وسڻ , مينهن مٽو = مٽ , مائٽ مرسو = مڙس راج پتو = راج پٽ ڌيتا = ديتا, داتا اندهه = اوندهه ليکاڪو = لکندڙ ماچيڪو = ماڇي ڪنڀارو = ڪنڀار ويڄو = ويڄ ونيجو = واڻيو داسو = داس چورو = چور يوڌو = جوڌو پٽو = پٽ اک = اک نينن = نيڻ ڪانو = ڪن ٿنو = ٿڻ ارو = ارھ سريرن = سرير هته = هٿ انگوٺو = آڱوٺو ناسا = ناس, ناسون ڦلن = ڦل, ميوو پڪا = پڪو توا = توهان سڀن = سڀ ملينه = ملھ گوي = ڳاءِ , ڳئون گهرا = گهر دتار = ڏاتار مگا = مڱ داڻا = ڌاڻا گمنا = گهمڻ گجها = ڳجھ نه ڪو = نه ڪو وسانو = وساڻو , مند برسات وسنتو = وسنت, بدسنت اجا = اڄ سدا = سدا ڀيري = ڀير ڀيري ڊنڊو = ڀير ڏونڪو سرو = سر, سسي پڀاتو = پيءَ جو ماجهانهو = منجهند روگو = روڳ پانڊو = پنڊ جو, پاڙي جو ليکنن = لک اکرن = اکر سوٽن = سوٽهڙ، واڍو چڪن = چاڪ , گاڏي جو گندو = ڳنڍو چريڪا =ڇري دوتيڪا ساکي = ساک وارو, ڌوتو سموڊو = سمنڊ ندي = ندي نويڪو = ناکو ڪرا = ڪڙو ننگر سوڀني =سوڀيا ننگري جي نچن = نچڻ اکو = اکو ماگو = ماڳ گامو = گام سرو = سر ميگهو = ميگه لوڪو = لوڪ راجن = راڄ کيتن = کيت ڀومي = ڀومي هنسو = هنس نکٽن = نکٽ , تارا انڌاڪو = اونڌاهه اونھ = اونهارو, گرمي گھ = ڳھ لوها = لهو , رت پکي = پکي ڪڪاتو = ڪڪڙ ڪانسو = ڪاسو، ماپ ميڻ = ميڻ موتا = موتي ڪمو = ڪم سپو = سپ, نانگ هاٿي = هاٿي چمن = چم سگن = سگهڻ سيهو = سانھ, شينهن ناگو = نانگ هنگو = هنڱ ڪپاسي = ڪپھ پدومن = پدم باهي = باهه چنه = چڻا لوڀا = لوڀ , لالچ چندنن = چندن آسنن = آسڻ ساکا = شآخ ڀتي = ڀت اگي = آڳ اتاري = اتاهون هارو = هار موها = موھ , محبت مُٽن = مُٽ, پيشاب دمو = ڌرم سڌا = سڌ , سڪ جنگها = ڄنگه نٿو = نٿ چوچوڪن = چچو , ببا, ٿڻ يوني = يوني ڌماني = ڌمڻي , رڳ پٿي = پٽ ڌيتا = ڌيء ڀاتا = ڀاءُ , ڀوتار, وڏو ڀاء ڌرمي پياڪو = پيءُ جو اما = امان سالو = دالو ماٽولا پٽو = ماروٽ چما ڪارو = چم جو ڪم

مٿي ڏنل لفظَ ڏسي اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ڪيئن نه پالي ۽ سنڌي ٻولي تمام گهڻيون هڪجهڙايون رکن ٿيون. ائين گلگتي زبان شنا (Shina) ۾ سنڌي جو لفظن وڏو ذخيرو آهي, اهري ريت ڪڇ ڀڄ جي قديم ڪڇي لهجي, جنهن کي شلا (Shila) چون ٿا, ان ۾ به اڻ کٽ سندي جا لفظ اآهن, شنا گلگتي زبان تي بي بي سي ريڊيو تان هڪ پروگرام هليو هو, ريڊيو تان تحقيقڪارن جي ڳالھ ٻولھ مطابق سنڌي ۽ شنا جو ڀيٽ يا اڀياس ٿيڻ گهرجي ,ته ڪيئن سنڌي زبان جا لفظ شنا ۾ آيا, ڪڇ ڀڄ ۾ شلا تي شيلا شاهه (هڪ هندو مائي) تحقيق ڪري رهي آهي, هن ان قديم ٻولي جو الف بيائي چارٽ ترتيب ڏئي, واضح ڪيو آهي, ته سنسڪرت () ٻولي کان به اڳ شلا ليک هُتي ڪچ ڀڄ ۾ رائج هو, ان کي وري جيئرو ڪرڻ جي ضرورت آهي, سنڌ ۽ هند جي يونيورسٽين جي پروفيسرن جو خيال آهي ته, شلا, شنا , سوئي وهارا جي ڪتبن جي ٻولي خروتشي (Khiroshati) اکرن ۾ لکي ويئي آهي, اها پالي زبان جو نمونو آهي, پالي ۽ سنڌي پاڻ ۾ ڀيڻ ٻوليون آهن, جن ۾ سامي ٻولي واريون صفتون آهن, هن ننڍي کنڊ (برصغير) جي خطي ۾ ٻولين جا ڪيئي گروپ هئا, هڪ مقامي بالي گروپ هو, جيڪو موهين جي دڙي واري ٻولي جو تسلسل ٿي سگهي, ٻيو هند آريائي گروپ هو, جنهن جا نشان يورپ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ملن پيا, ٽيون گروپ دراوڙي گروپ هو, جنهن جا نشان به اولھ اتر هند, ڏکڻ ۽ وچ ۽ اوڀر اتر هندوستان تائين پکڙيل هئا, سڀ پروفيسر ان نتيجي تي پهتا آهن, ته برصغير جي هن خطي ۾ ٻه قديم زبانون هيون, هڪ پالي ۽ ٻي سنڌي هئي, جن جو سڄي سپت سنڌو جي وادين تي راڄ هو, پالي تي سنڌي جو اثر هاڻ به نمايا آهي, زماني جي لاهڻ چآڙهن پالي کي اسرڻ نه ڏنو, پالي محدود ٿي ختم ٿي ويئي, ۽ گنگيائي بيلٽ جي ماٿرين ۾ گم ٿي ويئي, پر پالي جي ڀيڻ سنڌي ٻولي اڃان قائم رهندي.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. جئندل خاڪي جي ٿورن سان.
  2. سنڌ ويزن