مواد ڏانھن هلو

سلوني گور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سالوني گئور
پيدائش (1999-12-12) 12 December 1999 (age 26)
بلندشهر, انڊيا
ٻيا نالانازما آپي
تعليمدهلي يونيورسٽي
پيشوڪاميڊئن, آهلون ڪڍندڙ، ميمڪري

سلوني گور انگريزي ٻولي: Saloni Gaur ڀارتي مزاحيا اداڪارا آهي. سلوني پنهنجو مزاحي نالو نجما آپي سان مشهور ڪيو آهي. سلوني سماجي مسئلن کي پنهنجي وڊيوز وسيلي اُجاڳر ڪندي آهي. سلوني ٽويٽر ۽ انسٽاگرام جي پليٽفارم تان پنهنجا وڊيوز ماڻهن تائين پهچائيندي آهي.[1][2][3][4]سلوني دهلي يونيورسٽي ۾ تعليم ماڻي رهي آهي. سلوني جا گهڻا وڊيوز هڪ منٽ کان گهٽ وقت جا آهن ۽ ڪُجھ ٻن منٽن کان وڌيڪ وقت جا پڻ آهن. سلوني سفا گهٽ لمحن ۾ پنهنجي وڊيوز وسيلي ڪيترائي سوالَ پُڇي وٺندي آهي. سي اي اي، دلي هوا آلودگي، بصرن جي قيمت، ڊونلڊ ٽرمپ جو ڀارت اچڻ، پوها ۽ ڪرونا وائرس وغيرہ سلوني گور جون نمايان رچنائون آهن.

جنم ۽ اڀياس

[سنواريو]

سلوني گور 12 ڊسمبر 1999 تي اتر پرديش جي مشهور شهر [بلند شهر] ۾ جنم ورتو. گور پنهنجو شروعاتي اڀياس بلند شهر جي رينائيسنس اسڪول کان ماڻيو ۽ هاڻي دهلي يونيورسٽي منجهان سياست سائنس (پوليٽيڪل سائننس) ۽ سماجي سائنس (سوشل سائنس) ۾ بي-اي جي شاگردياڻي آهي.[5][6]

کِل ڀوڳ

[سنواريو]

سلوني گور پنڪي ڊوگرا جي ڪردار سان اَهل (ميميڪري) ۽ ڀوڳ ڪرڻ جي شروعات ڪئي. انکانپوءِ ڪسم بهن جي ۽ آشا بهن جي نالو سان ڪردارن وسيلي سماجي مسئلن کي اجاڳر ڪيائين. 2018 ۾ سلوني نجمہ آپي جو ڪردار پيش ڪيو. نجما آپي جي ڪردار سان سلوني ڀارت جي مرڪزي بجيٽ سال 2020، سي-اي-اي ۽ دهلي گدلاڻ (دلي پوليوشن) جهڙن حساس عنوانن تي وڊيوز ٺاهي انهن سان لاڳاپيل مسئلن کان ماڻهن ۾ سُجاڳي آندي. نجما آپي جي ڪردار سان سلوني السلام عليڪم ، انشٽاگرام ڪي بندو سان پنهنجي وڊيوز جي شروعات ڪندي آهي. نقاب پائي سلوني وڊيو ٺاهيندي آهي ۽ مُرڪندي سماجي مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي آهي.[5][2][7] ڪنگنا راناوت جي آهَل (مميڪري) پڻ سلوني جي اهم وِندُرَ آهي.ڀارت ۾ بصرن جو مُلهه کان وٺِي ڊونلڊ ٽرمپ جي اچڻ تي پڻ سلوني پنهنجي وڊيوز وسيلي سوال اُٿاريندي آهي.

اهم وڊيوز

[سنواريو]

سلوني گور جا ڪُجھ اهم کِل ڀوڳ وارا وڊيوز:

  • سي اي اي سان لاڳاپيل ڄاڻ [1]
  • ڀارت ۾ بصر جو مُلههُ
  • ڪنگنا رناوت ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي
  • ٽرمپ ڀارت آيو
  • پوها ۽ ڪرونا وائرس

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "Meet 'Nazma aapi', through whom a 20-year-old woman is tackling social issues one video at a time". Scroll.in. 19 January 2020. 6 February 2020 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 "Watch: Comedian Saloni Gaur makes parody video of Kangana Ranaut's reaction to Arnab Goswami-Kunal Kamra row". FirstPost.com. 2 February 2020. 6 February 2020 تي حاصل ڪيل.
  3. Manral, Barkha (16 January 2020). "Talent On Sensation: From Saloni Gaur To Nazma Aapi". NewsAurChai.com. 6 February 2020 تي حاصل ڪيل.
  4. "Meet 20-year-old Internet star 'Nazma Aapi'". TribuneIndia.com. 15 January 2020. 6 February 2020 تي حاصل ڪيل.
  5. 1 2 Gupta, Surbhi. "A Sense of Humour". IndianExpress.com. 6 February 2020 تي حاصل ڪيل.
  6. Grover, Nishitha (15 January 2020). "Who is Nazma Aapi, the woman who has something to say about everything?". IndiaToday.in. 6 February 2020 تي حاصل ڪيل.
  7. Gupta, Aman (15 January 2020). "'नजमा आपी' बनकर इंटरनेट पर कैसे छाईं 19 साल की DU छात्रा सलोनी?". khabar.ndtv.com. 6 February 2020 تي حاصل ڪيل.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]
  1. https://twitter.com/salonayyy/status/1204661918851485702
  2. https://www.youtube.com/watch?v=dFtnQTw_VUI
  3. https://www.youtube.com/watch?v=pCxPb5rAc8s
  4. https://www.youtube.com/watch?v=J0lmRALCzKk