سلوني گور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سالوني گئور
پيدائش ڊسمبر 1999 (عمر 24 سال)
بلندشهر, انڊيا
ٻيا نالا نازما آپي
تعليم دهلي يونيورسٽي
پيشو ڪاميڊئن, آهلون ڪڍندڙ، ميمڪري

سلوني گور انگريزي ٻولي: Saloni Gaur ڀارتي مزاحيا اداڪارا آهي. سلوني پنهنجو مزاحي نالو نجما آپي سان مشهور ڪيو آهي. سلوني سماجي مسئلن کي پنهنجي وڊيوز وسيلي اُجاڳر ڪندي آهي. سلوني ٽويٽر ۽ انسٽاگرام جي پليٽفارم تان پنهنجا وڊيوز ماڻهن تائين پهچائيندي آهي.[1][2][3][4]سلوني دهلي يونيورسٽي ۾ تعليم ماڻي رهي آهي. سلوني جا گهڻا وڊيوز هڪ منٽ کان گهٽ وقت جا آهن ۽ ڪُجھ ٻن منٽن کان وڌيڪ وقت جا پڻ آهن. سلوني سفا گهٽ لمحن ۾ پنهنجي وڊيوز وسيلي ڪيترائي سوالَ پُڇي وٺندي آهي. سي اي اي، دلي هوا آلودگي، بصرن جي قيمت، ڊونلڊ ٽرمپ جو ڀارت اچڻ، پوها ۽ ڪرونا وائرس وغيرہ سلوني گور جون نمايان رچنائون آهن.

جنم ۽ اڀياس[سنواريو]

سلوني گور 12 ڊسمبر 1999 تي اتر پرديش جي مشهور شهر [بلند شهر] ۾ جنم ورتو. گور پنهنجو شروعاتي اڀياس بلند شهر جي رينائيسنس اسڪول کان ماڻيو ۽ هاڻي دهلي يونيورسٽي منجهان سياست سائنس (پوليٽيڪل سائننس) ۽ سماجي سائنس (سوشل سائنس) ۾ بي-اي جي شاگردياڻي آهي.[5][6]

کِل ڀوڳ[سنواريو]

سلوني گور پنڪي ڊوگرا جي ڪردار سان اَهل (ميميڪري) ۽ ڀوڳ ڪرڻ جي شروعات ڪئي. انکانپوءِ ڪسم بهن جي ۽ آشا بهن جي نالو سان ڪردارن وسيلي سماجي مسئلن کي اجاڳر ڪيائين. 2018 ۾ سلوني نجمہ آپي جو ڪردار پيش ڪيو. نجما آپي جي ڪردار سان سلوني ڀارت جي مرڪزي بجيٽ سال 2020، سي-اي-اي ۽ دهلي گدلاڻ (دلي پوليوشن) جهڙن حساس عنوانن تي وڊيوز ٺاهي انهن سان لاڳاپيل مسئلن کان ماڻهن ۾ سُجاڳي آندي. نجما آپي جي ڪردار سان سلوني السلام عليڪم ، انشٽاگرام ڪي بندو سان پنهنجي وڊيوز جي شروعات ڪندي آهي. نقاب پائي سلوني وڊيو ٺاهيندي آهي ۽ مُرڪندي سماجي مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي آهي.[5][2][7] ڪنگنا راناوت جي آهَل (مميڪري) پڻ سلوني جي اهم وِندُرَ آهي.ڀارت ۾ بصرن جو مُلهه کان وٺِي ڊونلڊ ٽرمپ جي اچڻ تي پڻ سلوني پنهنجي وڊيوز وسيلي سوال اُٿاريندي آهي.

اهم وڊيوز[سنواريو]

سلوني گور جا ڪُجھ اهم کِل ڀوڳ وارا وڊيوز:

  • سي اي اي سان لاڳاپيل ڄاڻ [1]
  • ڀارت ۾ بصر جو مُلههُ
  • ڪنگنا رناوت ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي
  • ٽرمپ ڀارت آيو
  • پوها ۽ ڪرونا وائرس

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "Meet ‘Nazma aapi’, through whom a 20-year-old woman is tackling social issues one video at a time". Scroll.in. حاصل ڪيل 6 February 2020. 
  2. 2.0 2.1 "Watch: Comedian Saloni Gaur makes parody video of Kangana Ranaut's reaction to Arnab Goswami-Kunal Kamra row". FirstPost.com. حاصل ڪيل 6 February 2020. 
  3. Manral, Barkha. "Talent On Sensation: From Saloni Gaur To Nazma Aapi". NewsAurChai.com. حاصل ڪيل 6 February 2020. 
  4. "Meet 20-year-old Internet star ‘Nazma Aapi’". TribuneIndia.com. حاصل ڪيل 6 February 2020. 
  5. 5.0 5.1 Gupta, Surbhi. "A Sense of Humour". IndianExpress.com. حاصل ڪيل 6 February 2020. 
  6. Grover, Nishitha. "Who is Nazma Aapi, the woman who has something to say about everything?". IndiaToday.in. حاصل ڪيل 6 February 2020. 
  7. Gupta, Aman. "'नजमा आपी' बनकर इंटरनेट पर कैसे छाईं 19 साल की DU छात्रा सलोनी?". khabar.ndtv.com. حاصل ڪيل 6 February 2020. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]

  1. https://twitter.com/salonayyy/status/1204661918851485702
  2. https://www.youtube.com/watch?v=dFtnQTw_VUI
  3. https://www.youtube.com/watch?v=pCxPb5rAc8s
  4. https://www.youtube.com/watch?v=J0lmRALCzKk