سرنھن جو ساڳ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سرنھن جو ساڳ

مڪئي جي ماني ۽ سرنھن جو ساڳ
ڪورس Main course
ملڪ پاڪستان ۽ ڀارت
مکيہ شامل جزا سرنھن جا پنا
  Media: سرنھن جو ساڳ

سرنھن جو ساڳ ھڪ مشھور سبزي پڪوان آھي جيڪو عموماً پاڪستان ۽ ڀارت جي سنڌ ۽ پنجاب جي خطي ۽ ٻين ويجھن علائقن ۾ پچايو ويندو آھي۔ تاريخي اعتبار سان سرنھن جو ساڳ سنڌ ۽ پنجاب جي ٻھراڙين جي غذا ھو۔ ان تي گھر جو ٺھيل مکڻ جو تڙڪو سنڌ ۽ پنجاب جي زرخيز ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ واري محنت ڪشن جي لاءِ غذائيت سان ڀرپور بھترين کاڌو ھوندو ھو۔

روايتي طور تي سرنھن جي ساڳ ۾ مصالحا نہ وڌا ويندا آھن بس ھلڪو لوڻ، ادرڪ، پالڪ، ساوا مرچ، سرنھن جو ساڳ، ھرٻو ۽ ڀتورا سان ملائي ڪري پچايو ويندو آھي۔ عموماً ان کي ھلڪي باھ تي پاڻي ۾ پچائيندا آھن۔ سرنھن جو ساڳ پچائيندي وقت ان کي ان وقت تائين ھٿ سان ھلايو ويندو آھي جيسيتائين ان ۾ گھربل لطافت نہ پيدا ٿي وڃي۔ اترپرديش ۾ ماڻھو ساڳ کي پھريون ھلڪو تريندا آھن پوءِ ان ۾ ٽماٽا ۽ ڏھي وجھي ڪري پچائيندا آھن، ان جو فائدو ھي آھي تہ ان جو تيز چٽپٽو ۽ تکو ذائقو گھٽ ٿي ويندو آھي۔

پچائڻ جي ترڪيب[سنواريو]

روايتي طور تي ساڳ ھيٺ ڏنل شيون ۽ ترڪيب جي مطابق پچايو ويندو آھي[1]:

شيون[سنواريو]

عام طور تي ھيٺيون شيون گھربل آھن:

سرنھن جو ساڳ: چار پائونڊ
پالڪ: دو پائونڊ
ھرٻي جو ساڳ: ٻه پائونڊ
پاڻي : اڌ ڪپ
ادرڪ : ھڪ انچ جو ٽڪرو
مڪئي جو اٽو: کاڌي جا ٻه چمچا، ھڪ ڀاڱي چار پاڻي ۾ حل ڪر ڇڏيو
مکڻ:مرضي موجب
موٽا ساوا مرچ: پنج کان ست عدد
لوڻ: ذائقي موجب

ترڪيب[سنواريو]

 مٿي ڏنل شين جي روشني ۾ سرنھن جو ساڳ پچائڻ جي لاءِ ھڪ وڏي ديڳڙي ۾ اڌ ڪپ پاڻي جو ورتو ويندو آھي۔ ان کان بعد ھن ۾ ٻيا سڀ شيون شامل ڪيون وينديون آھن جيڪي مٿي ڏنل آھن، پوءِ 15 کان 20 منٽ تائين پچايو ويندو آھي۔

پڻ ڏسو[سنواريو]

  • سرنھن

حوالا[سنواريو]