سرحد (ملڪ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سرحد (border) ڪنهن حڪومت يا رياست وغيره جي زميني ڪناري يا حد کي ڇچيو ويندو آهي. ماضي ۾ سرحد ڪنهن حڪومت يا رياست جو مڪمل طور تي طي شده خط نه هيو بلڪه هي هڪ غير جانبدار خطو هوندو هيو جنهن کي گشتي جڳهه چيو ويندو هو. گشتي جڳهه تي ٻن لاڳاپيل ملن جا فوجي گشت ڪندا هيا. گشتي جڳهه جو تصوّر هاڻي هڪ مکمل طور تي طي شده ۽ نشان زده سرحد ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هوائي اڏن ۽ بندرگاهن کي به سرحد تصوّر ڪيو ويندو آهي. گھڻن ملڪ ۾ هڪ مروّج نظام جي تحت سرحد تي ماڻهن، جانورن ۽ ٻين شين جي اچ وڃ کي قابو ۾ رکيو ويندو آهي. بين الاقوامي قانون جي مطابق هر ملڪ کي پنهجي طور تي سرحدي شرط لاڳو ڪرڻ جو حق حاصل آهي. ڪنهن به ملڪ جي سرحد کي پار ڪرڻ جي لاء اُن ملڪ جا سرحدي شرط پورا ڪرڻا پوندا آهن. جيڪڏهن ڪو شخص هي شرط پورا نٿو ڪري ته، اُنکي سرحد پار ڪرڻ جي اِجازت نه ڏني ويندي آهي. سفري ڪاغذ(passport) ۽ ويزا (visa) به ڪافي ملڪن جي سرحدن کي پار ڪرڻ جي لاء ضروري دستاويز آهن. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن غير ملڪ جي سرحدن جي اندر رهي ڪري قيام يا ڪم ڪرڻ چاهي ته ان جي  لاء اُنکي خصوصي هجرتي دستاويز (immigration documents) يا اجازت نامو (permit) جي ضرورت هوندي آهي. سامان (goods) کي سرحد جي آرپار کڻي وڃڻ تي محصول (tax) ڏيڻي پوندي آهي. سامان يا انسان ۽ جانور وغيره جو سرحد جي آرپار خفيه طور تي کڻي وڃن کي اسمگلنگ چيو ويندو آهي جيڪو غير قانوني آهي.

پڻ ڏسو[سنواريو]

  • فهرست ملڪ ۽ علائقا بلحاظ زميني سرحد
  • فهرست ملڪ ۽ علائقا بلحاظ سامونڊي حدون

تصويرون[سنواريو]