ساھ جي نالي
ڏيک
| ساھ جي نالي Trachea | |
|---|---|
ساھ جي نظام ۾ ساھ جي نالي يا ٽرڪيا ڏيکاريل | |
| تفصيل | |
| شريان | ھيٺين ٿائرائيڊ شريان جون ساھ جي نالي واريون شاخون |
| نس | براڪيوسيفالڪ نس, ايزائگوس نس ھيميازائگوس نس |
| سڃاڻپ ڪندڙ | |
| لاطيني ٻولي | Trachea |
| ائناٽامي جا محاورا | A06.3.01.001 |
| ائناٽامي جو بنيادي ماڊل | 7394 |
| ائناٽامي جا محاورا | |
ساھ جي نالييا ٽريڪيا(انگريزي: Trachea ) اٽڪل 12 سينٽي ميٽر ڊگھي نالي آهي جيڪا اڳتي هلي ٻن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿي انھن شاخن کي برونڪائي Bronchi سڏجي ٿو.ان مان ھڪ کاٻي ڦڦڙ ڏانھن ۽ ٻي ساڄي ڦڦڙ ڏانھن وڃي ٿي.ڦڦڙن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اھي ھوا جون ننڍيون شاخون وڌيڪ ننڍين شاخن ۾ ورهائجي سڄي ڦڦڙ ۾ ڦھلجي وڃن ٿيون جن کي برونڪئول Bronchioles سڏبو آهي. برانڪول جي منھن تي ھوا جي ڳوٿري ھوندي آھي.جنھن کي ايلويئولي Alveoli سڏبو آهي.انھن ڳوٿرين ۾ ئي ھوا اچي جمع ٿيندي آهي۽ انھن ڳوٿرين سان وڪوڙيل رت جي نالين رستي، ڊفيوزن Diffusion جي عمل تحت آڪسيجن ڳوٿريءَ مان نڪري رت ۽ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ رت مان نڪري ڳوٿرين۾ جمع ٿي ويندي آهي.جتان واپس ساڳئي رستي جسم مان خارج ٿي ويندي آهي.