ساراگوسا
ساراگوسا
Zaragoza سرقسطة | |||
|---|---|---|---|
ساراگوسا ۽ ايبرو جو منظر | |||
| |||
| Nickname: اسپين جو فلورنس[1] | |||
| جاگرافي بيهڪ: 41°39′N 0°53′W / 41.650°N 0.883°W | |||
| ملڪ | |||
| خودمختيار ڪميونٽي | |||
| اصوبو | ساراگوسا صوبو | ||
| ڪومارڪا (انتظامي ڊويزن) | ساراگوسا ڪومارڪا | ||
| ضلعا | سينٽرو، ڪئسڪو ھسٽاريڪو، ڊيليسيئس، يونيورسيڊاڊ، سان جوزا، لاس فوئنٽيس، لا الموزارا، اوليور والڊيفيئرو، ٽوريرو لاپاز، اڪٽور ري فرننڊو، ايل رابال، ڪاسابلانڪا، سانتا اسابيل، ميرالبوئنو، سور، ٻھراڙيءَ وارو ضلعو | ||
| Government | |||
| • Type | ميئر ڪائونسل | ||
| • Body | ايونٽاميئنٽو ڊي ساراگوسا | ||
| • الڪالڊي | جارج ازڪان (پيپلزپارٽي، اسپين) | ||
| Area | |||
• Total |
973.78 ڪ.م2 (375.98 ميل2) | ||
ساراگوسا يا "زاراگوزا" (Zaragoza؛ عربي:سرقسطه)[3] [4] اسپين جي ھڪ شھر جو نالو آهي جيڪو صوبي ساراگوسا جو گادي جو هنڌ پڻ آھي. اھو ايبرو ندي ۽ ان جي معاون شاخن ھئيروا ندي ۽ گاليگو ندي جي وچ تي ايبرو ندي جي طاس واري علائقي ۾ واقع آهي. پھرين جنوري 2019ع تي ھن شھر جي آبادي 7,06,904 ھئي.[5] شھر ۽ ان جي ميونسيپل اختيار واري علائقي جي پکيڙ 1062.64 چورس ڪلوميٽر (410.29 چورس ميل) آھي. پکيڙ ۾ ھن شھر جي ميونسيپلٽي اسپين جي پنجين وڏي ميونسيپلٽي آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق سال 2001ع ۾ شھر جي آبادي 6,14,905 ھئي.[6] اسپين جي اتر-اوڀر ۾ واقع ھي شھر اراگون ڪميونٽي جو صدرمقام آھي ۽ ايبرو ندي جي ڏکڻ واري ڪپ تي واقع آهي.[6] ھي شھر صنعتي مرڪز آهي ء ھتي ھر سال نيشنل ٽريڊ فيئر منعقد ٿيندو آهي.[6] شھر جي اھم عمارتن ۾ رومن ۽ گوٿن وارا چرچ ۽ ٻيون جايون شامل آهن.[6]
تاريخ
[سنواريو]ھن شھر واري جاء تي پھرين ڪيلٽائبيرين وسندي سالدوبا واقع ھئي جنھن تي پھرين صدي قبل مسيح جي پوئين دؤر ۾ رومين قبضو ڪيو هو ۽ اتي ھڪ سيزر آگسٽا جي نالي سان ھڪ ڪالوني قائم ڪئي ۽ اھو نالو بگڙجندو ساراگوسا ٿي ويو.[6] ٽي صدي عيسويءَ ۾ ھن شھر کي ڪليسائي عھدن مان سقف جي سيٽ (episcopal see) (بشپ جي اختيار واري سيٽ) جو درجو ڏنو ويو.[6] سال 714ع ۾ مسلمانن ھن شھر تي قبضو ڪيو. ٻارھين کان پندرھين صدي عيسويءَ تائين ھي شھر اراگون جي بادشاھت جو گاديءَ جو هنڌ رھيو.[6] سال 1808ع کان 1809ع تائين ٻہ ڀيرا ھي شھر فرانسيسي فوجن جي محاصري ۾ رھيو.[6] سال 1474ع ۾ ھتي يونيورسٽي قائم ٿي.[6]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Martí Font, J.M. (2017) (Spanish ۾). La España de las ciudades: El Estado frente a la sociedad urbana. ED Libros. ISBN 9788461799220. https://books.google.com/books?id=qu14DwAAQBAJ&pg=PT76&lpg=PT76&dq=zaragoza+florencia+española&source=bl&ots=uKTgVPtGYM&sig=ACfU3U3FYrnHA1DZEvXLex654VZIvRvFLw&hl=en&sa=X&ved=2ahUKEwjgk-Gqu4nnAhVQPq0KHe00BdE4ChDoATAOegQIAxAB#v=onepage&q=zaragoza%20florencia%20española&f=false.
- ↑ خالي حوالو (مدد)
- ↑ "Saragossa", Collins Dictionary, n.d., اصل کان 23 September 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 26 September 2014۔
- ↑ Encyclopædia Britannica Zaragoza (conventional Saragossa) آرڪائيو ڪيا ويا 2012-03-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Gomar, Carlota (9 January 2019). "Zaragoza vuelve a crecer y supera la barrera de los 700.000 habitantes" (es ۾). El Periódico de Aragón. https://www.elperiodicodearagon.com/noticias/aragon/zaragoza-vuelve-crecer-supera-barrera-700-000-habitantes_1334924.html.
- ↑ 6.0 6.1 6.2 6.3 6.4 6.5 6.6 6.7 6.8 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#. 2103 -
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- خالي حوالا سان صفحا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- شهر
- اسپين
- اسپين جا شهر
- يورپ جا شهر