زينالعابدين طگيف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Zeynalabdin Taghiyev
Hacı Zeynalabdin Tağıyev
پيدائش25 جنوري 1823[1] or 1821 or 1838[2]
باڪو, سلطنت روس
وفات1 سيپٽمبر 1924
مرداڪان, ڀرسان باڪو, سوويت يونين
زالزينب تغئيفا (†?)
سونا تگئيفا
اولاداسماعيل تگئيف, صادق تگئيف, خانم تگئيفا (پهرين شادي منجهان)
ليئليٰ تگئيفا, سارا تگئيفا, محمد تگئيف, الياس تگئيف سورئيا تگئيفا (ٻيء شادي منجهان)
والدينپيءٌ - موچي تاگي

زينالعابدين طگيف (انگريزي ٻولي: Zeynalabdin Taghiyev) حاجي زينالابدين طاگي اوگلو طگيف (آذربائيجاني: Zeynalabdin Tağıyev; Russian: Зейналабдин Тагиев) (25 جنوري 1821 کان 1823، يا 1838 کان 1 سيپٽمبر 1924) آذربائيجان جو هڪ قومي وڏو صنعتي شاهوڪار ۽ پرمارٿي (انسان پرست ، انسان دوست) هو.

شروعاتي جيون[سنواريو]

زينالعابدين طگيف باڪو جي پُراڻي ڀاڱي ۾ غريب موچي گهراڻي تغي (تاگي) ۽ ان جي گهرواري اموخانم جي وٽ پيدا ٿيو. پنهنجي ماءُ جي موت ۽ سندس پيءٌ جي ٻئي شادي کان پوءِ، هن پنهنجي 7 ڀينرن کي پالڻ لاءِ رازي جو ڪم سکڻ شروع ڪيو. سندس ڪم سان اَرپڻا سبب هن جلد پيشيوراڻي ترقي ماڻي ۽ 18 سال جي ڄمار ۾، هو اڳ ئي رازي جي ڪم جو هڪ ٺيڪيدار بڻجي ويو. 1873 وچ ڌاري، ٻن ساٿين سرڪي برادرز سان گڏ، هن باڪو جي ڏکڻ ۾ چند ڪلوميٽر پنڌ تي، تيل جي نيڪال سبب زوردار ڌڌڪن واري شهر بي بي هيئبات ڀرسان زمين خريد ڪئي. سندن ارادو تيل جي دريافت ڪرڻ هو، تنهن هوندي به سندن مڙئي ڪوششون بيڪار (اجايون) ٿي ويون. ڪجه عرصو کان پوءِ، تگئيف ڀائيوارن پنهنجا حصا کيس وڪرو ڪري ۽ باڪو ڏانهن واپس موٽي آيا. گهڻو عرصو ئي نه گذريو هيو جڏهن 1877 ۾ ڪنهن هڪ تيل جي کوهہ منجهان تيل نڪتو ته طگئيف تُرت روسي سلطنت جي وڏن شاهوڪار ماڻهن منجهان بجڻي ويو.[1]

معيشيت ۾ ڀاڱيداريون[سنواريو]

تگئيف پنهنجو ڀَاڳُ نہ رُڳو تيل جي ڪاروبار ۾، پر ٻين ڪيترن ئي منصوبن جهڙوڪ ٽيڪسٽائل فيڪٽري (ان مهل روس ۾ ڪم ڪندڙ 28 ٽيڪسٽائيل فيڪٽريز منجهان هڪ) ۽ ڪيسپيئن سمنڊر جي ڪناري تي واقع صنعتي ماهيگيري جهڙن ٻين منصوبن پڻ سيڙپ لڳائي.

ان عرصي دوران، تگئيف وڏي رقم ٽيڪسٽائل، کاڌخوراڪ، اڏاوت ۽ ٻيڙيون ٺاهڻ (جهاز سازي) واري صنعتن سان گڏوگڏ، ماهيگيري ۾ پڻ نمايان رقم خرچ ڪئي. 1890ع ۾ پوءِ، تگئيف ڪئسپين اسٽيمشپ ڪمپني کي خريد ڪيو، ان جي بحالي ڪئي ۽ 10 اسٽيم بوٽس جو جهازن ٻيڙو (جهاز) تيار ڪيو.[1] تگئيف باڪو، ماسڪو، تهران، اصفهان، انزالي، ۽ راشت ۾ حقيقي ملڪيت (ريئل اسٽيٽ) جو مالڪ هيو.[3]

عام ڀلائيءَ جا ڪم[سنواريو]

فائل:SV100052.jpg
زينالعابدين طغيف جي هڪ چٽسالي (پينٽنگ).

ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اينٽي-بورجوازوي سوويت پروپئگنڊا، جيڪا سندس حياتيءَ تائين هلندي رهي، ان هوندي به، تگئيف کي آذربائيجاني ماڻهو سندس خيراتي ڪمن جي لاءِ احترام ڪن ٿا. هن ۱۸۸۳ع ۾ آذربائيجاني نيشنل ٿيٽر جي اڏاوت ڪرائي (جنهن کي تگئيف جي ٿيٽر طور سڃاتو وڃي ٿو، ۽ 1909 ۾ جڏهن ردعمل پرستن آذربائيجان اسٽيٽ ٿيٽر آف ميوزيڪل ڪاميڊي کي ساڙيو، تنهن کانپوءِ ان جي مرمت ڪرڻ ۾ هن مدد ڪئي هئي. 1911 ۾، ان جي اڏاوتي ڪم سا سمورا خرچ هن پورا ڪيا، جيڪو بعد ۾ آذربائيجان اسٽيٽ اڪيڊمڪ اوپيرا ائنڊ باليٽ ٿيٽر بڻجي ويو.[4]

1894ع ۾ مرداڪان ۾ زراعت جي هڪ اسڪول ۽ 1911 ۾ باڪو گورنريٽ ۾ پهريون ٽيڪنيڪل اسڪول جي اڏاوت جي پڻ سرپرستي ڪيائين.[1] پنجن ٻين واپارين سان گڏجي، هن باڪو ۾ هارس ٽراموي قائم ڪرڻ ۾ مالي سهائتا ڪئي، جنهن 1892 ع ۾ ڪم شروع ڪيو.[4]

ڪُٽنب[سنواريو]

تگئيف پنهنجي موت کان هڪ سال اڳ، پنهنجي ڌيءُ ليللا ۽ پوٽِرين سان گڏ

تگئيف ٻه ڀيرا پرڻو ڪيو. هن جي پهرين زال زينب، جيڪا سندس سئوٽ پڻ هئي، تنهن کيس ٽي ٻار ڄڻي ڏنا.ان جي موت کان پوءِ، تگئيف، جنرل بالڪيشي عربلنسڪي جي سڀ کان ننڍي ڌيءُ سونا سان پرڻو ڪيو. هيءَ شادي 1896 ع ۾ ٿي هئي. عربلينسڪي جي وڏي ڌيءُ نورجهان اڳ ۾ تگئيف جي وڏي پُٽَ اسماعيل سان پرڻيل هئي.

تگئيف پنهنجي ڌيئرن ليلا ۽ سارہ کي سينٽ پيٽرزبرگ ۾ واقع عظيم سمولني انسٽيٽيوٽ فار نوبل ميڊن ۾ پڙهائيءَ لاءِ موڪليو هيو، جتي هن جي ٻئد زال ساونا هڪ دفعو گريجوئيشن ڪئي هئي.[2]

باقي زندگي[سنواريو]

1920 ۾ آذربائيجان جي سوويتائزيشن کانپوءِ ملڪ جي دولت مند ماڻهن کي بالشويڪ حڪومت پاران زبدرست دٻاءُ کي مُنهن ڏيڻو پيو، نتيجي ۾ ان منجهان ڪيترائي وطن ڇڏڻ (اميگريشن) تي مجبور ٿيا. تاگوئيف جو گهر ۽ هن جي ٻئي مِلڪيت کي قبضي ۾ ورتو ويو. سندس گذريل اتيت جي ڀاڱيدارين ۽ سخاوت جي ڪارڻ، کيس پاڻ لاءِ رهائش جي جاءِ چونڊڻ جو اختيار ڏنو ويو هو. تگئيف باڪو کان گهڻو ڏُور نه ويو، مرداڪان ڳوٺ ڀرسان هن پنهنجي اونهارو جي مُند واري ڪاٽيج ۾ رهڻ جي چُونڊ ڪئي. جتي هو چار سال کانپوِءِ، نمونيا (ڦڦڙن جي سوڄ جي بيماري) جي سبب 1 سيپٽمبر 1924 تي وفات ڪري ويو. هن جي موت کان پوءِ، سندس اونهاري جي مُند وارو ڪاٽيج ضبط ڪيو ويو ۽ تگئيف ڪُٽنب جي ڀاتين کي ڊوڙائي نيڪالي ڏني وئي. سندس زال سونا، جيڪا ڪڏهن قفقاز (ڪاڪاشيس) جي هڪ مالدار، تعليم يافتا ۽ سخي اُتم (نواب) عورت هئي، اها 1938ع ۾ باڪو جي گهٽين تي بدحالي (مفلسي) ۾ فوت ٿي وئي.

هاڻي آذربائيجان اسٽيٽ ميوزيم آف هسٽري باڪو ۾ اڳوڻي تگئيف مينشن ۾ واقع آهي.

تصويري گيلري[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 (روسي)[[Category:Articles with روسي-language external links]] Baku Oil and Oil Magnates by Pari Mirzayeva. Vyshka. 9 آگسٽ 2002, #32. Retrieved 26 نومبر 2019
  2. 2.0 2.1 Stories of Taghiyev: Baku's Most Renowned Oil Baron by Manaf Suleymanov. Azerbaijan International. Summer 2002 (10.2). Retrieved 26 نومبر 2019
  3. (روسي)[[Category:Articles with روسي-language external links]] A Golden Million for the People by Azer Aliyev. Azerbaijansky Kongress. 26 November 2019. Retrieved 25 December 2007
  4. 4.0 4.1 (روسي)[[Category:Articles with روسي-language external links]] The Past Days آرڪائيو ڪيا ويا March 22, 2007, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. by Manaf Suleymanov. 1990

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]