زهري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زهري (Zehri)، بروهي (Brohi or Brahvi or Brahui) ذات يا قبيلي جو هڪ پاڙو آهي، پر هاڻي زهري پاڻ هڪ ذات يا قبيلي جي حيٿيت اختيار ڪري وئي آهي. پر ان جو نخ وڃي بروهي ذات يا قبيلي سان ملي ٿو. ان حساب سان زهري ذات يا قبيلو، بلوچ قبيلو يا ذات نه پر دراوڙ قبيلو سڏي سگهجي ٿو، ڇو جو بروهي يا براوهي اصل ۾ تمام اڳاٽن دراوڙ قبيلن مان هڪ آهي. توڻي جو ان حوالي سان اڃان وڌيڪ تاريخي حوالن ۽ ثبوتن جي ضرورت آهي پر چيو وڃي ٿو ته عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ سنڌ جو حڪمران راجا ڏاهر (Raja Ddhahir) به اصل ۾ بروهي هو. [1]

حوالا[سنواريو]