مواد ڏانھن هلو

زاڪاٽيڪاس شھر

زاڪاٽيڪاس
شھر ۽ ميونسپالٽي
زاڪاٽيڪاس شھر جو منظر
زاڪاٽيڪاس شھر جو منظر
Official seal of زاڪاٽيڪاس
Seal
Nickname(s):
کاڻ وارو شھر
چاندي جي دل
Map
شھر جو اندروني نقشو
زاڪاٽيڪاس is located in Mexico
زاڪاٽيڪاس
زاڪاٽيڪاس
ميڪسيڪو ۾ مقام
Coordinates: 22°46′25″N 102°34′25″W / 22.77361°N 102.57361°W / 22.77361; -102.57361
ملڪميڪسيڪو
رياستزاڪاٽيڪاس
قائم ٿيو1548
ميونسپالٽي جو درجو1825
حڪومت
• ميونسپل صدريوليسيس ڊين سيلي مورينا پارٽي
ايراضي
• ميونسپالٽي356.14 چورس ڪلوميٽر (137.51 چورس ميل)
آبادي
 (2005)  ميونسپالٽي
• ڪل138,152
وقتي علائقوUTC−6 (ميڪسيڪو جو معياري وقت)
  اونهارو (ر.ب.و)UTC−5 (روشني وارو وقت)
پوسٽل ڪوڊ
98000
علائقائي ڪوڊ492
ويب سائيٽ(in اسپيني) /Official site
سرڪاري نالوHistoric Centre of Zacatecas
قسمCultural
معيارII, IV
عهدو1993 (17th session)
حوالا نمبر.676
رياستي جماعتميڪسيڪو
خطولاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين

زاڪاٽيڪاس شھر (Zacatecas City) ميڪسيڪو جو شھر، ميونسپالٽي ۽ ميڪسيڪو جي رياست زاڪاٽيڪاس جو گاديءَ جو هنڌ آهي جيڪو وچ ميڪسيڪو جي اتر ۾ واقع آهي.[1] ھن شھر جي آبادي سال 2000ع ۾ 1,13,947 ھئي.[2] ھي شھر ھڪ اونھي ۽ سوڙھي کاھي ۾ سمنڊ جي سطح کان 2,500 ميٽر (8,200 فٽ) جي بلندي تي واقع آهي.[2] ھاڻي تائين شھر جي اھم معيشت اتان جون کاڻون آھن. شھر ھڪ واپاري ۽ صنعتڪاري جو پڻ مرڪز آهي ۽ ڪيٿيڊرل ھجڻ جي ڪري پڻ مشھور آھي.[2]

ھن شھر جو بنياد سال 1548ع ۾ پيو ۽ ٻہ سال پوء ھتي چاندي جي دريافت ٿي جنهن ڪري کيس سال 1585ع ۾ ھڪ شھر جي حيثيت ڏني وئي.[2] اوڻوھين صدي عيسويءَ تائين ھن شھر جي چوڌاري چاندي جي کاڻين مان دنيا جي چاندي جو پنجون حصو نڪري چڪو ھو.[2]

تاريخ

[سنواريو]

ھن شھر جي ابتدا سورھين صدي عيسويءَ ۾ اتي معدنياتي کاڻ لاء اسپيني ڪيمپ لڳائڻ سان ٿي. هن وقت مقامي رھاڪو ان ڳالھه کان واقف ھيا تہ اتي چاندي ۽ ٻي معدنيات جا ذخيرا آهن. ان دولت جي ڪري ھتي تيزي سان ھي شھر وسجي نئين اسپين جو ھڪ اھم شھر ٿي ويو جنھن جي چاندي اسپين جي شاھي حڪومت کي مالا مال ڪيو. اوڻوھين صدي ۾ ھن علائقي ۾ جنگ لڳي ھئي ۽ ويھين صديءَ ۾ 1914ع ۾ ھن علائقي وري تي ميڪسيڪو واري انقلاب وقت "جنگ زاڪاٽيڪاس" لڳي جنھن بعد ھن شھر تي فرانسسڪو ولا قبضو ڪيو.

حوالا

[سنواريو]
  1. Mendizabal, José Antonio (May 21, 2000). "Zacatecas: Esculturalmente arquitectonica" [Zacatecas:Sculpturally architectural]. Reforma (Spanish ۾). Mexico City. ص. 29.{{cite news}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  2. 1 2 3 4 5 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2102 -