زاپوٽڪ ماڻھو
![]() | |||
| زاپوٽڪ عورتن ۽ ٻارن جي 1908ع جي نڪتل تصوير | |||
| ڪل آبادي | |||
|---|---|---|---|
| ت. 10 لک | |||
| نمايان آبادي وارا علائقا | |||
| |||
| ٻوليون | |||
| مذھبَ | |||
|
رومن ڪيٿولڪ مذهب روايتي عقيدن سميت |
زاپوٽڪ يا زاپوتڪ (انگريزي: Zapotecs ) ميڪسيڪو جا اصل رھاڪو آھن جن کي ميڪسيڪو جا انڊين سڏيندا آهن. انھن جي آبادي گھڻي ڀاڱي ڏکڻ ميڪسيڪو جي واھاڪا(Oaxaca) ۾ واقع آهي[2]. ھن وقت زاپوٽڪ ماڻھن جو تعداد اٺ لک کان ڏھ لکن تائين آهي.

ڪولمبس جي آمد کان اڳ ميسو-آمريڪي تھذيب ۾ زاپوٽڪ تھذيب ترقي ۾ اڳڀري ھئي. قديم زاپوٽڪ تھذيب موجوده واھاڪا شھر (Oaxaca City ) لڳ جبل مائونٽ البان جي ڀر ۾ واقع ھئي. [2]. ان تھذيب م پھريون ڀيرو ميسوآمريڪي صورتخطي ۾ لکڻ جي شروعات ٿي ۽ 52 سالن وارو ڪيلينڊر پڻ ٺاھيو ويو جيڪو بعد ۾ ٻين گروھن پڻ اختيار ڪيو[2]. موجوده دؤر ۾ زاپوٽڪ ماڻھن جو سماجي وڏي پيماني تي زرعي آھي ۽ آھستي آھستي تبديلي طرف وڌي رهيو آهي[2]. ھنر م گھڻي ڀاڱي ٺڪر جي ٿانون ۽ ڪتڻ وارا ھنر رواج ۾ آھن[2]. ھي ماڻھو رومن ڪيٿولڪ مذهب کي مڃيندا آھن تنھن ھوندي بہ اھي بد روحن ۽ ڏندڪٿائن ۾ يقين رکندڙ آھن[2].
حوالا
[سنواريو]- ↑ Tintocalis, Ana (2010-09-01). "Rise In Zapotec-Speaking People Results In New SDSU Language Course". KPBS San Diego Public Radio & TV: News, Arts & Culture. Archived from the original on 2020-03-03. https://web.archive.org/web/20200303083649/https://www.kpbs.org/news/2010/sep/01/zapotec-language-course-offered-sdsu/. Retrieved 2014-03-09.
- 1 2 3 4 5 6 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2103 -
