زاپوٽڪ ماڻھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
زاپوٽڪ
زاپوٽڪ عورتن ۽ ٻارن جي 1908ع جي نڪتل تصوير
ڪل آبادي
ت. 10 لک
نمايان آبادي وارا علائقا
 ميڪسيڪو 800,000–1,000,000
 گڏيل آمريڪي رياستون 100,000+[1]
ٻوليون

زاپوٽڪي , اسپيني، انگريزي

مذھبَ

رومن ڪيٿولڪ مذهب روايتي عقيدن سميت

زاپوٽڪ يا زاپوتڪ (انگريزي: Zapotecs ) ميڪسيڪو جا اصل رھاڪو آھن جن کي ميڪسيڪو جا انڊين سڏيندا آهن. انھن جي آبادي گھڻي ڀاڱي ڏکڻ ميڪسيڪو جي واھاڪا(Oaxaca) ۾ واقع آهي[2]. ھن وقت زاپوٽڪ ماڻھن جو تعداد اٺ لک کان ڏھ لکن تائين آهي.

نقشي ۾ ڪولمبس کان اڳ واري ميسو-آمريڪي تھذيب ۾ زاپوٽڪ تھذيب جو مقام ڏيکاريل

ڪولمبس جي آمد کان اڳ ميسو-آمريڪي تھذيب ۾ زاپوٽڪ تھذيب ترقي ۾ اڳڀري ھئي. قديم زاپوٽڪ تھذيب موجوده واھاڪا شھر (Oaxaca City ) لڳ جبل مائونٽ البان جي ڀر ۾ واقع ھئي. [2]. ان تھذيب م پھريون ڀيرو ميسوآمريڪي صورتخطي ۾ لکڻ جي شروعات ٿي ۽ 52 سالن وارو ڪيلينڊر پڻ ٺاھيو ويو جيڪو بعد ۾ ٻين گروھن پڻ اختيار ڪيو[2]. موجوده دؤر ۾ زاپوٽڪ ماڻھن جو سماجي وڏي پيماني تي زرعي آھي ۽ آھستي آھستي تبديلي طرف وڌي رهيو آهي[2]. ھنر م گھڻي ڀاڱي ٺڪر جي ٿانون ۽ ڪتڻ وارا ھنر رواج ۾ آھن[2]. ھي ماڻھو رومن ڪيٿولڪ مذهب کي مڃيندا آھن تنھن ھوندي بہ اھي بد روحن ۽ ڏندڪٿائن ۾ يقين رکندڙ آھن[2].

حوالا[سنواريو]

  1. Tintocalis, Ana (2010-09-01). "Rise In Zapotec-Speaking People Results In New SDSU Language Course". KPBS San Diego Public Radio & TV: News, Arts & Culture. http://www.kpbs.org/news/2010/sep/01/zapotec-language-course-offered-sdsu/. Retrieved 2014-03-09. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2103 -