ريڙهي مياڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪراچيءَ (Karachi) ۾ ڪورنگي (Korangi) ويجهو صديق خاصخيلي ڳوٺ سان لڳ ابراهيم حيدريءَ (Ibrahim Hyderi) کان ٽي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ريڙهي مياڻ جو علائقو آهي.

تاريخ جي حوالي سان ڄاڻ پوي ٿي ته ريڙهي مياڻ سنڌو درياهه جو پهريون ڇوڙ آهي، جتي درياهه سمنڊ ۾ اچي ملندو هو پوءِ وقت سان گڏ درياهه پنهنجو رستو بدلائيندو اڳتي وڌندو ويو. چيو وڃي ٿو ته ريڙهي مياڻ کي انهي ڪري ريڙهي چيو ويو جو هن جا ڪنارا ”ر“ وانگر آهن. عربن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو هو ته محمد بن قاسم جو لشڪر هتان ٿيندو ڀنڀور پهتو هو.

مورڙي ميربحر جو خاندان پڻ ريڙهي مياڻ ۾ آباد هو. هڪ روايت موجب 400 سال اڳ پنجن ڀائرن موسا، وروءُ، قاسو، سيارو ۽ پنجو هتي رهندا هئا. هي ڀائر ذات جا وانگورا هئا. اڄ هتي موساڻي، ورياڻي، قاسماڻي، سياراڻي ۽ پنجواڻي انهن جي پويان سڏجن ٿا. [1] [2]