مواد ڏانھن هلو

رينگا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رينگا (Reenga) جي صنف جپان جي ڊگهي نظم Tanka ٽنڪا مان نڪتي آهي. ٽنڪا نظم ۾ اهڙا ڪيترائي بند هوندا آهن، هلندي هلندي ٽنڪا جو هڪ بند الڳ صنف ٿي پيو ۽ ان کي رينگا سڏيو ويو. رينگا جو گهاڙيٽو ٽنڪا جي هڪ بند وارو (پنج ، ست، ست ماترائون) ئي رهيو. جيڪو بلڪل ائين ئي هو جيئن قصيدي مان غزل نڪتو. اڃا اڳتي هلي رينگا جو شروعاتي حصو هڪ ڌار گهاڙيٽو ٿي پيو ۽ ان کي هائيڪو يا شروعاتي سڏيو ويو. رينگا صنف سنڌيءَ ۾ اڃا پنھنجا پير ايترا پختا ڄمائي نہ سگهي آهي، پر پوءِ بہ ان تي مير محمد پيرزادي، مختيار ملڪ، تاج جويي ۽ ٻين ڪجهہ جديد شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.