روزانه امڪان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
روزاني امڪان

روزاني امڪان اخبار جو لوگو
قسم روزاني اخبار
ايڊيٽر ياسر ٻٻر
بنياد پيو 2009
صدر دفتر حيدرآباد, پاڪستان
ويب سائيٽ www.dailyimkaan.com

امڪان سنڌي ٻوليءَ جي روزانو ڇپجندڙ اخبار آهي. روزاني امڪان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان ڇپجي ٿِي. هن اخبار جو ايڊيٽر پهرين ياسر ٻٻر هيو، هاڻي جعفر ميمڻ آهي.[1]

تفصيل[سنواريو]

روزاني امڪان اخبار جو، آچر 11 مارچ 2018ع جو مکيه صفحو

روزاني امڪان اخبار 2009 ۾ صحافي خادم حسين ملغاڻي شروع ڪئي . هي اخبار صرف ڪراچي شهر تائين محدود هوندي هئي جيڪا پوءِ 6 اپريل 2017 تي صحافي شيرمحمد عُرف ياسر ٻٻر، جي نگرانيءَ ۾ ڪراچيءَ کان ڇپجڻ شروع ٿي. اپريل، مئي، جون ۽ جولاءِ مهينا ڪراچيءَ ۾ ڇپجڻ کانپوءِ ”امڪان اخبار“ جو حيدرآباد ۾ نسيم نگر روڊ تي آفيس قائم ڪيو ويو، ڪراچيءَ ۾ اخبار جي ڇپائي بليڪ اينڊ وائيٽ صفحن تي ٿيندي هئي، جڏهن ته حيدرآباد چيپٽر طرفان 14 آگسٽ 2017 تي رنگين اخبار جي باقاعدگيءَ سان ڇپائي جو ڪم شروع ڪيو. اخبار هن وقت صرف چئن صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾، حيدرآباد ۽ خاص طور قاسم آباد ۽ آس پاس جي علائقن جي اشوز کي خاص ڪوريج ڏيندي واڌُو واھ ايڪسپريس جي نالي سان صفحو شايع ڪيو پيو وڃي. روزاني امڪان اخبار جو نيوز نيٽورڪ سنڌ صوبي جي سڀني ضلعن ۽ تعلقن ۾ موجود آهي، روزانو چار هزار ڪاپيون ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچن ٿيون. هن اخبار جي آنلائن ويبسائٽ عبيد ٿهيم ٺاهي، جنهن کي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ ڏٺو وڃي ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. Leading Sindhi language newspaper | DailyImkaan |روزاني امڪان, وقت 2018-03-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-03-10 

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

روزاني امڪان اخبار بابت آرڪائيو ڪيا ويا 2018-03-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.


حوالا[سنواريو]