رنگ دي بسنتي
رنگ دي بسنتي (रंग दे बसंती) | |
---|---|
200px فلم جو پوسٽر | |
هدايتڪار | راڪيش اوم پرڪاش مهرا |
فلم ٺاھيندڙ | راڪيش اوم پرڪاش مهرا ديون کوٽي روني اسڪريو والا |
ليکڪ | رينزل ڊي سلوا راڪيش اوم پرڪاش مهرا |
اداڪار | عامر خان آر مڌاون ايلس پيٽن سوها علي خان وحيده رحمٰن سڌارت نارائڻ ڪنل ڪپور اٽل ڪلڪرنر شرمن جوشي |
موسيقي | اي آر رحمٰن |
ورھائيندڙ | يو ٽي وي موشن پڪچرز |
نمائش |
26 جنوري 2006ء |
دورانيو |
157 دقيقه |
ملڪ | ![]() |
ٻولي | هندي/اردو، پنجابي |
فلم جي بجٽ | 300 ملين رپيا |
رنگ دي بسنتي (هندي: रंग दे बसंती) ڀارت جي هڪ فلم آهي جيڪا 26 جنوري 2006ء تي نمائش جي لاء پيش ڪئي وئي۔ هن جي هدايتڪاري راڪيش اوم پرڪاش مهرا ڪئي جڏهن ته عامر خان، سوها علي خان، آر ماڌون، ڪنول ڪپور، سڌارت نارائن، شرمن جوشي، اٽل ڪلڪرنر، برطانوي اداڪاره ايلس پيٽن، وحيدہ رحمٰن، اوم پورر، ڪرن کير ۽ انوپم کير هن فلم جا اهم اداڪار هيا۔ فلم جي موسيقي اي آر رحمٰن ترتيب ڏني جنهن خوب شهرت ماڻي۔ فلم دنيا ڀر ۾ تمام گهڻو پسند ڪئي وئي۔ گولڊن گلوب ۽ 79 هين اڪيڊمي ايوارڊ جي لاء ڀارت هن فلم کي نامزد ڪيو پر هي حتمي مقابل تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهي۔ پر هي فلم برٽش اڪيڊمي آف فلم اينڊ ٽيليويزن "بافٽا" ايوارڊز جي لاء نامزد ٿي پر حريف فلم جي مقابلي ۾ نه کٽي سگهي۔ عالمي ايوارڊز جي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي جي باوجود رنگ دي بستي 2007ء فلم فيئر ايوارڊز ۾ بهترين فلم جو اعزاز حاصل ڪيو۔ [1] [2]