مواد ڏانھن هلو

رلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رليانگريزي (Quilt) ھڪ قسم جو بوڇڻ آهي جيڪا ڪپڙي مان ٺهندي آهي. رلي جا ٻه حصا يا پُڙ ٿيندا آهن. هڪ ابتو ٻيو سبتو. ٻنهي جي وچ ۾ اڪثر پراڻي ڪپڙي جي اڳڙين جو تَھُ وجهي پڙ ملائي سبي ويندي آهي. سنڌ ۾ رلي اڪثر عورتون هٿ تي سبنديون آهن. هاڻ سبتو حصو ڪپڙي جي صنعتن ۾ به تيار ٿئي ٿو. رلي دنيا جي مختلف علائقن م مختلف نمونن سان ٺاھي وڃي ٿي. سنڌ ۾ ٺھندڙ رليون بہ پنھنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون.

Ralli Applique Bed cover

رليءَ جو هنر

[سنواريو]

سنڌ قديم زماني کان هنرن ۾ نامياري رهي آهي. نه رڳو هتي جا مرد هنر مند ۽ ڪاريگر آهن، پر زالون به سگهڙ ۽ سڄاڻ آهن. هو گهر جو ڪم ڪار پورو ڪري وانديون ڪين ويهن، پر ڪو نه ڪو ورتڻ ويهي ڪن. گهر جي ڇني ڦاٽي به ڳنڍين، ته ٽوپو ٽاڪو به ڪن. اجائي، پراڻي اڳڙي به ڪين وڃائين. اڳي ته ڪاپو ڪڍي، گهر جي ڀاتين لاءِ ڪپڙو تيار ڪرائينديون هيون. هن وقت ڪتڻ جو رواج نڪري ويو آهي، پر سبڻ ۽ ڀرت جو ڪم سنڌ ۾ اڃان به جام ٿي ٿو. ٽوپي جي ڪمن ۾ رليءَ جي هنر کي وڏي اهميت حاصل آهي.
رلي خاص سنڌ جي سوکڙي آهي، ٻهراڙيءَ جي گهرن جو سينگار آهي، سگهڙ عورتن جي هٿ جو هنر ۽ سندن ڪاريگريءَ جو شاهڪار آهي. سنڌي عورتون پراڻن ڪپڙن مان ڏاڍا ٽڪر ڪڍي، گڏ ڪنديون وينديون آهن. جڏهن ڪافي اڳڙيون گڏ ٿي وڃن، تڏهن انهن جا کي جدا جدا رنگ ڏيئي رڱينديون آهن. انهن مختلف رنگين ٽڪرين مان چورس، ٽڪنڊن، مستطيل شڪلين ۾ اڳڙيون ڪتري، ٽڪريون ٺاهينديون آهن. اهي ٽڪريون پاڻ ۾ ڳنڍي، جدا جدا ڊزائينيون تيار ڪنديون آهن. هر هڪ ڊزائين کي ”چنڊ“ چئبو آهي. هن نموني سان تيار ٿيل رليءَ کي ”ٽڪرين واري رلي“ چئبو آهي. ڪي زالون وري اٽڪل هڪ گرانٽ هم چورس اڳڙيءَ جي ٽڪرن کي ڪئنچيءَ سان ٽڪينديون آهن. ان ٽڪيل ڪپڙي کي ٻي ڪپڙي جي مٿان سئيءَ سان جڙي، چنڊ تيار ڪنديون آهن. ٽڪ وارا چنڊ تيار ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت ۽ ڄاڻ جي ضرورت هوندي آهي. اهڙيءَ رليءَ کي ”ٽڪ واري رلي“ چئبو آهي.
ٽڪ يا ٽڪرين مان تيار ڪيل چنڊن کي ڳنڍي، ڏيڍ ميٽر ويڪرو ۽ سوا ٻه ميٽر کن ڊگهو ته تيار ڪيو ويندو آهي، ان تهه جي چو طرف مختلف رنگن جون پٽيون ۽ ڪنگريون يا گڏيون لڳايون وينديون آهن. اهڙيءَ طرح هڪ ته تيار ڪرڻ بعد هڪ ٻيو لسو تهه به تيار ڪيو ويندو آهي.
تهن ٺاهڻ کان پوءِ لسو تهه وڇائي، ان جي مٿان پراڻي ڪپڙي مان صاف ڪيل اڳڙين جا ٻه ٽي تهه ترتيب سان سٿيا ويندا آهن. ان بعد ٽڪرين يا ٽڪ وارو تيار ٿيل تهه ان جي مٿان رکي، پاسن کان ٽوپو ڏنو ويندوآهي. تهن کي پاسن کان ٽوپي ڏيڻ بعد، ٿوريءَ ٿوريءَ وڇوٽيءَ تي ٽوپا ڏنا وينداآهن. انهن ڇڊن ٽوپن کي ”دوڳڻ“ چئبو آهي. رليءَ جي دوڳڻ جو اهو مقصد هوندو آهي، ته تهن جي وچ ۾ سٿيل اڳڙيون اڳتي پوئتي ٿي ڳنڍا ڳوڙها نه ٿي پون. دوڳڻ کان پوءِ هر هڪ دوڳ جي وچ ۾، گهاٽا ٽوپا ڏنا ويندا آهن. اهڙيءَ طرح سڄي رلي تيار ڪئي ويندي آهي. ٽوپا ڏاڍي خبرداريءَ سان ڏنا ويندا آهن، ۽ انهن جا کڻ گهڻو ڪري هڪجيڏا ۽ هڪجهڙا هوندا آهن.
گهر ۾ عام استعمال لاءِ ساديون ۽ لسيون رليون ٺاهيون وينديون آهن. ٽڪ وارين رلين جو استعمال آئي وئي لاءِ ڪيو ويندو آهي. سگهڙ زالن جي گهر ۾، روزانو ڪم ايندڙ رلين کان سواءِ نيون ۽ ٽڪ واريون رليون به ڪافي تعداد ۾ هونديون آهن، جن کي هو ڏاڍِي سنڀال سان ويڙهي رکنديون آهن. ٻهراڙين جو دستور آهي ته جڏهن ڪو به عزت وارو مهمان اتي پهچي ويو، ته هڪدم رلي وڇائي، کيس کٽ تي ويهاريندا ۽ پوءِ سندس آجيان کي لڳندا.
رليءَ جو هنر سڄي سنڌ ۾ آهي، پر سڀ کان اعلي رليون ٿرپارڪر ضلعي جي ناري واريءَ ايراضيءَ ۾ ٺهن ٿيون. انهن جي بيهڪ، ڊزائن ۽ ٽوپو ڏسي، حيرت وٺي ويندي آهي. گھڻيون رليون ته ڏيک ويک ۾، سٺن کيسن کان به سرس هونديون آهن. ڊزائين جي لحاظ کان رلين جا ڪيترائي نالا آهن. ڇهن دٻلن واري، سورهن چنڊن واري، سٺ دٻلن واري، کوهه ڦيري واري، اڌ ٽڪ واري، پکي واري، نانگ ڦڻ، نور پڇي، ڦڻيءَ ڪور، فرشي، پتاشي، ٽڪ واري وغيره.
سنڌ ۾ رلي وڇائڻ توڙي اوڍڻ طور استعمال ڪئي وڃي ٿي. سنڌ کان ٻاهر ٻي هنڌ ڪٿي به رليءَ جو هنر نه آهي. هن وقت ٻاهرين ملڪن ۾ رليءَ کي ڏاڍو پسند ڪيو وڃي ٿو. ڪيترائي ماڻهو رليون سوکڙيءَ طور ٻاهرين ملڪن جي دوستڻ کي ڏيندا آهن.
حڪومت به هن هنر کي زور وٺائڻ لاءِ، هنري نمائش ۾ عمدي قسم جي رلين تي انعام ڏيندي آهي. هن وقت رليءَ جو شمار گهرو هنرن ۾ ڪيو وڃي ٿو. هاڻي رليون بازار ۾ به وڪامڻ لڳيون آهن. وڪري لاءِ رليون گهڻو ڪري نئين ڪپڙي مان تيار ڪيون وينديون آهن. رليءَ جو هنر حب الوطني، محنت ۽ سانگ صرفي جو سبق ڏي ٿو. سنڌيءَ ۾ ته هڪ چوڻي آهي ته ” جهڙو رنگ رليءَ جو، تهڙي جوت جوان“ ان مان ظاهر ٿيو ته رليءَ جو حسن، انسان جي اخلاق کي ظاهر ڪري ٿو.[1]

وڌيڪَ تفصيل

[سنواريو]

رلي: سنڌي جي زالن جو جيڪڏهن ڪو شاهڪار آهي ته رلي، آهي سياري اونهاري گهر ۾ يا مزمان مڙهي جي ڪم اچڻ واري شيءَ آهي. سنڌ ۾ ته زالون چونديون آهن. ته جنهن زال جي گهر ۾ اوڇڻ گهڻو، اهائي سگهڙ آهي. رلي، اٽڪل ڇهه ست فوٽ ڊگهي ۽ چار فوٽ کن ويڪري ٿيندي آهي. سندس مٿئين يا سٺي پاسي کي پُڙ چوندا آهن ۽ هيٺئن پاسي کي لِهُه يا تر چوندا آهن، ۽ وچ ۾ ڳڀ پوندو اٿس. زالون مٿاماري، رڳو پُڙ سان ڪنديون آهن. پراڻن ڪپڙن کي جدا جدا قسمن جا رنگ ڏئي، پوءِ انهن مان ويهي، ٽڪنڊا، چؤڪنڊيارا، گول گول ٽڪر ڪپينديون، ۽ انهن کي قينچيءَ سان جداجدا نمونن ۾ ٽڪي ڪتري، پوءِ انهن کي ڳنڍينديون. ائين وچ ٺاهي، چوڌاري گڏُ يون يا ڪنهن ٻيءَ قسم جي ورڇ رکي وينديون، پوءِ لهه وڇائي، ان ۾ ڳڀ رکي، ان مٿان پڙ ڏئي، سبديون وينديون. جي وچ ۾ ڪم ڪار ٿي پيو ته ويڙهي رکنديون. ڪم ڪار لاهي وانديون ٿي، وري کڻي رلي وڇائينديون. قصا به ويٺيون ڪُٽينديون. رلي به پئيي سببي. ڪي زالو يڪي سر رلي کڻن، ڪي گڏجي. اُڪر تي رلي، ٽڪرين ۽ اڪر واريون رليون، مٽياري- هالا وغيره ۾ سٺيون ٿين ٿيون، لاڙ ۾ اڪثر ٽڪرين وارين رلين. جو رواج آهي- ٿرپارڪر جي علائقي جي رلين جو وري هڪ جدا گانه نمونو ۽ ٽوپو آهي ائين سٺي رلي مهينن پڄاڻا وڃي تيار ڪنديون. رليءَ جي سونهن وڌائڻ لاءِ، ڪُنڊن تي ڪچ ڪوڏيون، ٽونر، موتي، جهاٻا به رکن.پوءِ ته سائين رلي واه واه ٿيو وڃي. جيئن لاڙ پٽ ۾ ٽُڪ واريون رليون مشهور آهن، تيئن مٽارين ۽ هالا ڏي وري اُڪر جي رلين جو عام رواج آهي. اڪر رلي به واه جو جنسار ٿي ڪري_ وري ٿر ڏي زالون رليءَ جو ٽوپو ٻي ڍار تي رکن. انڪري ٽوپي جي لحاظ سان ٿري رلي سڀني ۾ پڌري ٿيو پوي. هاڻوڪي زماني ۾ ته زالون ڀرت ۽ ڇر جا پڙ به پيون رواج ۾ آڻين، نه رڳو ايترو پر لِهه يا تر ۾ اوني ڪپڙن جا ٽڪر ڳنڍيو پيون رليون ٺاهين، ته جيئن سياري ۾ رلي ذري گهٽ سوڙ جو ڪم ڏئي وڃي.[2]

رلي جا مختلف قسم

[سنواريو]
An appliqué ralli quilt
A patchwork ralli quilt
An appliqué ralli quilt in two colors

حوالا

[سنواريو]
  1. "رِلي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-08-14. 
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}