مواد ڏانھن هلو

رضاڪارن جي پيشقدمي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رضاڪارن جي پيشقدمي
English: March of the Volunteers
اصل جيڪو 1935ع ۾ جاري ٿيو

 عوامي جمهوريه چين جو قومي ترانو
ٻولتيان ھان, 1934
ڌننائي آر, 1935
اختيار ڪيو ويو
  • 27 سيپٽمبر 1949 (عارضي)
  • 4 ڊسمبر 1982 (سرڪاري طور تي)
  • 1 جولاءِ 1997 (ھانگ ڪانگ)
  • 20 ڊسمبر 1999 (ميڪائو)
  • 14 مارچ 2004 (آئيني)
  • 1 آڪٽوبر 2017 (قانوني بڻايو ويو)
ٻڌو
"رضاڪارن جي پيشقدمي" (سازن سان)
رضاڪارن جي پيشقدمي
لغوي معنی جپانين جي خلاف پيشقدمي ڪندڙ رضاڪارن جي فوج
نائي آر (کاٻي پاسي) ۽ تيان ھان (ساڄي پاسي)، شنگھائي ۾ 1933ع ۾ نڪتل ڦوٽو

رضاڪارن جي پيشقدمي (March of Volunteers)[1][2] عوامي جمهوريه چين جو قومي ترانو آهي. اھو ڪلاسيڪي چيني جي بجاء روايتي چيني ۾ لکيل آهي.

ان جا ٻول چين تي جاپاني قبضي واري دؤر ۾ ھڪ چيني شاعر تيان ھان 1934ع ۾ لکيو هو.[3] 1935ع ۾ ان جي ڌن چين جي صوبي، ينان جي موسيقار نائي آر مشھور فلم "چلڊرين آف ٽربلڊ ٽائيمز" (ڏکي وقت جا ٻار) جي لاء تيار ڪئي.

فلم: چلڊرين آف ٽربلڊ ٽائيمز (1935ع) جو پوسٽر، جنھن ۾ ھي ترانو پھريون ڀيرو ڳاتو ويو

1949ع ۾ ان کي جمھوريه چين جي قومي تراني جي جاء تي عوامي جمهوريه چين جي عارضي تراني طور اختيار ڪيو ويو. 1960ع واري ڏھاڪي ۾ آيل ثقافتي انقلاب دوران جڏهن تيان ھان کي گرفتار ڪيو ويو تہ ان عارضي تراني جي جاء تي نئون ترانو: "سرخ مشرق" اختيار ڪيو ويو جيڪو بغير ٻول جي وڄايو ويندو هو. بعد ۾ ڪجهه تبديلي آڻي ٻول سان وڄايو ويندو هو. سال 1982ع م ٻيھر رضاڪارن جي پيشقدمي کي سرڪاري طور تي قومي تراني جو درجو ڏنو ويو. 1997ع ۾ ھانگ ڪانگ ۽ 1999ع ۾ ميڪائو پڻ ان کي بطور قومي تراني جي اختيار ڪيو. ان تراني کي چين جي آئين ۾ پڻ شامل ڪيو ويو.

چلڊرين آف ٽربلڊ ٽائيمز نالي فلم ۾ ڳاتل رضاڪارن جي پيشقدمي نالي ڳاتل تراني جي وڊيو ڪلپ

حوالا

[سنواريو]
  1. 《中华人民共和国国歌》 [Zhōnghuá Rénmín Gònghéguó Guógē, "National Anthem of the People's Republic of China"]. State Council of the People's Republic of China (Beijing), 2015. Accessed 21 January 2015. (in Chinese)
  2. "National Anthem" آرڪائيو ڪيا ويا 4 December 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. State Council of the People's Republic of China (Beijing), 26 August 2014. Accessed 21 January 2015.
  3. Huang, Natasha N. 'East Is Red': A Musical Barometer for Cultural Revolution Politics and Culture, pp. 25 ff.[مئل ڳنڍڻو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]
  • 中华人民共和国国歌 (Chinese (China) ۾). Government of the People's Republic of China.
  • National Anthem of the People's Republic of China (EN)
  • Official instrumental version, hosted by the People's Republic of China
  • Semi-official vocal version, hosted by the China Internet Information Center
پيشرو
عوام جا ٽي اصول
(1943 کان 1949ع تائين سڃي چين ۽ 1949ع کان پوء صرف تائيوان ۾)
رضاڪارن جي پيشقدمي
1949 کان اڃ تائين
جانشين
Incumbent
پيشرو
خدا راڻي جي حفاظت ڪري
(هانگ ڪانگ جي چين کي واپسي تائين)
رضاڪارن جي پيشقدمي
1997ع کان اڃ تائين
جانشين
Incumbent
پيشرو
آ پرتگيزا
(مڪائو جي چين کي واپسي تائين)
رضاڪارن جي پيشقدمي
1999ع کان اڃ تائين
جانشين
Incumbent