ميڪائو
ميڪائو Macau | |||
|---|---|---|---|
|
ميڪائو واري عوامي جمهوريه چين جي مخصوص انتظامي ريجن | |||
| |||
چين منجھ مقام | |||
| ملڪ | عوامي جمهوريه چين | ||
| پورچوگيزي ليز | 1557 | ||
| پيڪنگ وارو معاھدو | 01 ڊسمبر 1887 | ||
| چيني پورچوگيزي مشترڪه اعلان | 26 مارچ 1987 | ||
| اقتدار جي منتقلي | 20 ڊسمبر 1999 | ||
| سڀ کان وڏوپارش آبادي جي لحاظ کان |
نَوسَا سَينھَورا ڊِي فاطمه | ||
| سرڪاري ٻوليون | |||
سرڪاري لکت |
|||
| نسلي
گروھَ (2016) |
88.4% ھان 4.6% فلپائيني 2.4% ويٽنامي
2.8% ٻيا[2] | ||
| آبادي جو نالو | ميڪائوئي يا ميڪنيز | ||
| حڪومت | سوشلسٽ رياست منجھ منتقلي واري انتظاميه | ||
• صدر |
زي جنپنگ | ||
| ھو ائت سينگ | |||
• انصاف ۽ انتظام وارو سيڪريٽري |
چيئونگ وينگ چون | ||
| سانچو:Ill | |||
• ميڪائو جي اپيل واري ڪورٽ جو صدر |
Sam Hou Fai | ||
| قانونساز ادارو | ليجسليٽو اسيمبلي | ||
| پکيڙ | |||
• ڪل |
115.3 km2 (44.5 sq mi) | ||
• پاڻي (%) |
73.7 | ||
ميڪائو(انگريزي: Macau ) يا (انگريزي: Macao ) عوامي جمهوريه چين جي ھڪ مخصوص انتظامي ريجن جو نالو آهي جيڪا ڏکڻ چيني سمنڊ سان لڳندڙ اولھ پرل ندي جي ڊيلٽا ۾ واقع آهي. ان جي آبادي 6،80،000 آھي[3] ۽ پکيڙ 32.9 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ اھو دنيا جو سڀ کان وڌيڪَ گھاٽي آبادي وارو شھر آھي. 1557ع ۾ اھو منگ گھراڻي جي بادشاھ واپاري ڪوٺي جي لاء پورچوگال کي ليز ڪري ڏنو ھيو جنھن بعد اھو پورچوگيزي ايمپائر جي ڪالوني ٿيو.پورچوگال ان جي مسواڙ 1887ع تائين چيني حڪومت کي ادا ڪندو آيو. ان سال چيني پورچوگيزي پيڪنگ وارو معاھدو ٿيو جنھن تحت پورچوگال ان علائقي جا ڪالوني وارا حق حاصل ڪيا. اھا ڪالوني پورچوگيزي راڄ ھيٺ 1999ع تائين قائم رهي ۽ ان سال ميڪائو جو انتظام چين جي حوالي ڪيو ويو. چين ۾ سوشلسٽ نظام ھجڻ باوجود چين ھن شھر کي مخصوص انتظامي ريجن جو درجو ڏئي الڳ معاشي نظام برقرار رکيو آھي[4]. اصل ۾ ميڪائو ڇڊي آبادي واري ٻيٽن جو ميڙ ھيو[5] ھاڻي جي شھر ھڪ وڏو رزارٽ وارو شھر آھي ۽ دنيا ۾ جوئا جو مرڪز آھي. ھن شھر جي جوئا واري صنعت آمريڪي شھر لاس ويگاس کان ستوڻي وڏي آھي[6] ھن شھر جي في ڪس آمدني دنيا ۾ سڀ کان وڏي آھي ۽ ان جي مساوي قوت خريد واري في ڪس جي ڊي پي دنيا جي اوچي جي ڊي پي ۾ شامل آهي.[7][8] ھن شھر جو انساني ترقي جو اشاريو تمام اوچو آهي ۽ ماڻھن جي متوقع زندگي جي شرح دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي
حوالا
[سنواريو]- ↑ Macau. The World Factbook. Central Intelligence Agency.
- ↑ Population By-Census 2016, p. 6.
- ↑ "Macao Population (2020) - Worldometer", www.worldometers.info (ٻولي ۾ انگريزي), اصل کان 23 December 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 آڪٽوبر 2020۔
- ↑ Landler 1999.
- ↑ du Cros 2009, p. 75.
- ↑ Sheng & Gu 2018, p. 72.
- ↑ ""GDP per capita, PPP (current international $)", World Development Indicators database", اصل کان 6 October 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 15 September 2014۔
- ↑ Sheng & Gu 2018, pp. 77–78.