مواد ڏانھن هلو

رد عمل (فزڪس)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تصوير م نيوٽن جو ٽيون قانون ڏيکاريل آهي جنھن ۾ ٻه اسڪيٽر ھڪٻئي کي ڌڪو ڏيئي رھيا آھن.پھرين کاٻي پاسي وارو اسڪيٽر ٻئي اسڪيٽر تي پوري قوت لڳائي کيس ساڄي پاسي ڌڪي ٿو ۽ ٻيو وري پھرين کي کاٻي طرف پوري قوت لڳائي پھرين کي کاٻي پاسي ڌڪي ٿو. ٻنھي قوتن (forces) جي شدت (magnitudes) برابر ھوندي بہ اھي مخالف طرفن ڏي ڌڪجن پيا جيڪو نيوٽن جو ٽيون قانون آھي

نيوٽن جو ٽيون قاعدو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن A هڪ قوت B مٿان لڳائي ۽ B وري ساڳي قوت A مٿان لڳائي ته پھريون قوت ايڪشن يا عمل سڏبو ۽ ٻيون قوت وري رد عمل (Reaction) سڏبو. ياد رھي تہ قوت کي انگريزي ۾ فورس چوندا آهن، پر پراڻي انگريزي ۾ قوت کي لفظ ايڪشن سان ظاهر ڪندا ھئا تنھنڪري نيوٽن جي قوت جو ٽيون قانون ايڪشن جو ٽيون قاعدو سڏبو آهي. فزڪس جي ڊڪشنريءَ مطابق رد عمل جو ڪڏھن ڪڏھن ھڪ محدود حالت ۾ به استعمال ٿيندو آھي يعني ڪنھن ٽيڪ جو ڪنھن شئي تي ٽيڪ ڏيڻ سان ٿيندو آهي. ان صورت ۾ عمل ان شئي تي ٽيڪ جي وزن جو نتيجو ھوندو آھي.

آئزڪ نيوٽن (1643–1727) طبعياتدان، جنھن حرڪت جا قانون ٻڌايا.

حوالا

[سنواريو]