رخشان ڊويزن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رخشان ڊويزن
رخشان ڈویژن
رخشان ولایت‎
ڊويزن
رخشان ڊويزن جو نقشو
رخشان ڊويزن جو نقشو
ملک پاکستان
صوبو بلوچستان
گادي جو ھنڊ خاران
قایم تیو 17 مئی، 2017ع
حڪومت
 • قسم Divisional Administration
 • Commissioner N/A
 • Regional Police Officer N/A

رخشان ڊويزن پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو هڪ انتظامي ڊويزن آهي۔ [1] [2]

سال 2015ع ۾ بلوچستان اسيمبلي اتفاق راءِ سان هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو جنهن ۾ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هو نوشڪي، چاغي، خاران ۽ واشڪ ضلعن تي مشتمل نئين ڊويزن قائم ڪري، جيڪي ڪوئيٽا ۽ قلات ڊويزن جا حصا هئا۔ ضلعو خاران رخشان ڊويزن جو ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر آهي۔ خاران ۾ رخشان ڊويزن لاءِ 500 ايڪڙ سرڪاري زمين پڻ الاٽ ڪئي وئي آهي۔ ۽ اھو علائقو خاران ٽائون جي حدن ۾ واقع آهي۔

رخشان ڊويزن کي 17 مئي، 2017ع تي ڊويزن طور نوٽيفڪيشن ڪيو ويو۔ ساڳئي ڏينهن هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي ته تحصيل "سرخاران" کي اپ گريڊ ڪري سب ڊويزن "سرخاران" جو هيڊ ڪوارٽر مسڪن قلات، ضلعي خاران ۾ بڻايو ويو آهي۔

حوالا[سنواريو]

  1. "BALOCHISTAN - Overview" (PDF). Relief Web. حاصل ڪيل 2 February 2019. 
  2. "New districts". DAWN. حاصل ڪيل 2 February 2019.