مواد ڏانھن هلو

رخسانه پريت چنڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رخسانه پريت چنڙ (Rukhsana Preet Chanar) سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر آهي.[1]

رخسانه پريت جو پورو نالو رخسانه ڌيءَ محمد صديق چنڙ آهي. سندس والدين نوابشاهه ۾ رهن ٿا پر هن جو جنم ڪاري موري هير آباد حيدرآباد، سنڌ ۾ 23 آگسٽ 1967ع تي ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول غريب آباد نوابشاه مان حاصل ڪئي پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاه مان سال 1993ع ۾ ايم بي بي ايس ڪئي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ ميڊيسن ۾ 6 مهينا هائوس جاب ڪيائين. 1998ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ڪواليفاءِ ڪيائين فيبروري 2000ع ۾ مشهور قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مهيريءَ سان شادي ڪيائين. ڊاڪٽر رخسانه سال 1999ع کان 2000ع ۾ وزيراعظم جي خانداني منصوبابندي ۽ بنيادي صحت واريپروگرام هيٺ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر طور ضلعي نوابشاه ۾ ڪيائين ان بعد 2000ع کان 2002ع تائين ميڊيڪل آفيسر طور ڪوٽڙي رهي جنهن کانپوءِ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ هاسٽل قاسم آباد ۽ دارالامان قاسم آباد ۾ ميڊيڪل آفيسر رهي آهي.[2]

رخسانه پريت 1988-1989ع واري دور ۾ نوابشاه جي ڪيترن ئي ادبي سماجي ۽ سياسي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪئي. پي ايم سي ۾ پڙهڻ دوران لطيف ڏهاڙي جي ڪمپيئرنگ ڪئي. 1993ع دوران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ادبي پروگرامن ۾ ڪمپيرنگ ڪيائين. سندس شاعري جو هڪ ڪتاب "پياسي ساڀيان جل ٿل خواب" 1997ع ڇپيل آهي. جڏهن ته ماهوار ادب مارچ 2004ع ۾ سندس خاص ڪارنر رخسانه پريت ڇپيل آهي. هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ عورتن جي تنظيم وومين ايڪشن فارم حيدرآباد جي ميمبر آهي. پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪيترن ئي ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ سرگرمي سان حصو وٺندي رهي ٿي.[3]. تازو 2014غ ۾ سندس غزلن جو هڪ مجموعو "نگاهن جا سجدا" ڇپيو آهي. سندس ڪتاب نگاهن جا سجدا کي سنڌي لينگئيج اٿارٽي طرفان سال 2014ع جو شاعري جو بهترين ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو.[4][2][5]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Bio-bibliography.com - Authors". www.bio-bibliography.com. حاصل ڪيل 2020-01-27. 
  2. 2.0 2.1 "پريت رخسانه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-27. 
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-08-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-20 
  4. Sindh Express News Story[مئل ڳنڍڻو]
  5. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-01-27.