رام ليلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رام ليلا (Ram Leela) جي رچنائن جو رواج سنڌ ۽ هند قديم دور کان رائج ھو. ھن کيل کي هندو ڏاڍي احترام سان اسٽيج تي پيش ڪندا رهيا آهن. ھنن تماشن ۾ رنگا رنگي ويسن کان سواءِ بھترين ڪوتا، موسيقي رقص (نرتڪ) جو ميلاپ ھوندو آھي. رام ليلا شري رامچندر ۽ سيتا ماتا جي والميڪي ڪٿا کي ماڻھن اڳيان پيش ڪيو ويندو آهي. رام ليلا جي سانگ شري رامچندر جو قصو اسٽيج تي ڏيکاريو ويندو اھي. جنھن ۾ سندس بنواس ٿيڻ، سيتا جي اغوا ٿي وڃڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ پار ڪري لنڪا جي راجا راوڻ سان جنگ ڪرڻ ۽ فتح پائڻ ۽ سيتا ماتا کي حاصل ڪرڻ. رام ليلا جي کيل ۾ شري رامچندر جي راوڻ سان جنگ ۽ فتح ۽ ڪرشن ليلا ۾ شري ڪرشن مھراج جي ڪنس پاپيءَ سان جنگ ۽ آخر ۾ فتح نيڪي جي ڏيکاري وڃي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.