راجا آڪسيڪانس
راجا آڪسيڪانس (Oxycanus) يا (Porticanus)، جنهن کي يوناني مؤرخن مختلف نالن سان ياد ڪيو آهي، چوٿين صدي قبل مسيح ۾ سنڌ جي هيٺين علائقي (Lower Indus region) جو هڪ اهم مقامي حڪمران يا سردار هو، جيڪو سڪندر مقدوني سان مھاڏو اٽڪايو. يوناني تاريخدان ڪُئنٽس ڪرٽيئس، اسٽرابو ۽ ڊيوڊورس هن حڪمران کي گڏيل طور پورٽيڪانس (Porticanus) جي نالي سان سڏين ٿا، جڏهن ته ڪُئنٽس ڪرٽيئس سندس ماڻهن کي پرائيسٽي (Praesti) جي نالي سان سڃاڻي ٿو.[1]
ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جي تحقيق مطابق، راجا آڪسيڪانس (يوناني اچاريل نالو) يا پورٽيڪانس، سن 325 قبل مسيح ۾ سڪندراعظم جي آمد وقت اتر سنڌ جو هڪ راجا يا بااثر سردار هو، جنهن مقدوني فاتح جي پيشقدميءَ وقت آڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو. لئمبرڪ هن کي سنڌ جي اُنهن مقامي حڪمرانن مان شمار ڪري ٿو، جيڪي يوناني مهمن دوران فوجي ۽ سياسي لحاظ کان اهم حيثيت رکندڙ هئا، ۽ جن جي علائقن تي قبضو ڪرڻ سڪندر لاءِ لازمي هو ته جيئن سنڌو ماٿريءَ تي سندس بالادستي قائم رهي. حوالو: ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو..[2]
جغرافيائي حيثيت
[سنواريو]لئمبرڪ ۽ قديم يوناني بيانن موجب، آڪسيڪانس جو ملڪ گهڻو ڪري انهيءَ علائقي سان مشابهت رکي ٿو، جنهن کي ميگئسٿنيز “پراسيان” سڏي ٿو ۽ سنڌونديءَ جي ٺاهيل هڪ وڏي ٻيٽ جهڙو خطو قرار ڏئي ٿو. اهو علائقو دريائي شاخن، زرخيز زمينن ۽ قدرتي رڪاوٽن سبب فوجي لحاظ کان اهم هو[2] [3].
سڪندر مقدونيءَ جي فوجي پيشقدمي
[سنواريو]جڏهن آڪسيڪانس (پورٽيڪانس) سڪندر مقدونيءَ جي خلاف جنگ لاءِ تياري ڪئي، تڏهن موسم سياري جي هئي ۽ سندس علائقي مان گذرندڙ سنڌونديءَ جي هڪ اهم شاخ خشڪ ٿي چڪي هئي. ان سبب سڪندر جا جهاز دريائي رستي سان اڳتي وڌي نه سگهيا، ۽ نتيجي ۾ مقدوني فوج کي زميني رستي کان آڪسيڪانس تي ڪاهه ڪرڻي پئي“[4][2] .
يوناني ماخذن ۾ اختلاف
[سنواريو]آڪسيڪانس سان ٿيل هن مهم بابت يوناني مؤرخن جي بيانن ۾ نمايان اختلاف موجود آهي:
- ايريئن (Arrian) جو بيان
"سڪندر پنهنجي پهرين ئي يلغار ۾ آڪسيڪانس جي ٻن وڏن شهرن تي قبضو ڪيو، جن مان هڪ شهر ۾ آڪسيڪانس پاڻ به گرفتار ٿي ويو" .
ايريئن ان کان پوءِ هن حڪمران جي انجام بابت ڪا واضح تفصيل نٿو ڏئ[2] [5].
- ڪُئنٽس ڪرٽيئس (Curtius Rufus) جو بيان
"پورٽيڪانس پنهنجي ماڻهن جي وڏي تعداد سان گڏ هڪ مضبوط قلعي واري شهر ۾ پاڻ کي بند ڪري، مقدوني فوج جو مقابلو ڪيو. ٽن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ، جڏهن قلعي جا ٻه برج سخت آواز سان ڊهي پيا، تڏهن مقدوني فوج شهر ۾ داخل ٿي اندرئين ڪوٽ تي قبضو ڪيو" .
ڪرٽيئس لکي ٿو ته انهيءَ آخري مرحلي ۾ پورٽيڪانس ٿورن ساٿين سان گڏجي آخري دم تائين وڙهندو رهيو ۽ اتي ئي قتل ڪيو ويو“[6].
فوجي وسيلن بابت امڪان
[سنواريو]ڪجهه جديد محققن، جن ۾ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ شامل آهي، اندازو لڳايو آهي ته سڪندر وٽ قلعي ڀڃڻ لاءِ خاص مشينون ۽ اوزار موجود هئا، ۽ ممڪن آهي ته اهي هاٿي پڻ استعمال ڪيا ويا هجن، جيڪي اڳ ۾ ميوسيڪانس طرفان تحفي طور پيش ڪيا ويا هئا. بهرحال، هي نڪتو امڪاني تجزيي تي ٻڌل آهي، قطعي تاريخي شاهدي نه آهي[2] .
فتح کان پوءِ جا قدم
[سنواريو]ايريئن جي بيان مطابق، آڪسيڪانس جي علائقي مان حاصل ٿيل لٽ ڦر فوج ۾ ورهائي ويئي، جڏهنته هٿ آيل هاٿي عام فوجي مقصدن لاءِ مخصوص ڪيا ويا. ڪُئنٽس ڪرٽيئس وڌيڪ لکي ٿو ته قلعي مان گرفتار ٿيل سڀ قيدي وڪرو ڪيا ويا، يعني انهن جي عيوض رقم وصول ڪئي ويئي[2] [7].
تاريخي اهميت
[سنواريو]راجا آڪسيڪانس (پورٽيڪانس) جو ذڪر سنڌ ۾ سڪندر مقدونيءَ جي فوجي مهمن جي شدت، مقامي حڪمرانن جي مزاحمت، ۽ يوناني مؤرخن جي مختلف بياني اندازن کي سمجهڻ لاءِ اهم آهي. هن واقعي مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي هيٺين علائقن ۾ موجود قلعابند شهر ۽ منظم سياسي وحدتون مقدوني فوج لاءِ سنجيده فوجي چئلينج هيون[2] [8].
See also
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Arrian VI، 16؛ Curtius Rufus IX، 8؛ Strabo.
- 1 2 3 4 5 6 7 ڪتاب جو نالو: سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.
- ↑ Megasthenes (يوناني روايت)
- ↑ ايرين، VI، 16؛ ڪرٽيئس، IX، 8.
- ↑ ايرين، VI، 16
- ↑ ڪرٽيئس، IX، 8.
- ↑ ايرين، VI، 16؛ ڪرٽيئس، IX، 8.
- ↑ ايرين، VI، 16؛ ڪرٽيئس، IX، 8.