راجا آڪسيڪانس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راجا آڪسيڪانس (يوناني ٻوليءَ ۾ اچاريل نالو) يا راجا پورٽيڪانس سن 325 قبل مسيح ۾ سڪندراعظم جي آمد وقت اتر سنڌ جو هڪ راجا يا سردار ھيو جنھن سڪندراعظم جي پيش قدميءَ وقت آڻ نہ مڃي ھئي.[1]

راجا آڪسيڪانس ۽ سڪندراعظم وچ ۾ جنگ[سنواريو]

راجا آڪسيڪانس کي يوناني مؤرخن ھرھڪ ڪُئنٽسَ ڪَرٽيئس، اِسٽرابو ۽ ڊيوڊورس ٽنھي پورٽيڪانس جي نالي سان سڏيو آهي، ۽ مؤرخ ڪَرٽيئس هن جي ماڻهن کي پرائيسٽي (Praesti) سڏيو آهي[2]. انهن جو ملڪ گهڻو ڪري اهوئي ”پراسيان“ هو، جنهن کي ميگئسٿنيز سنڌونديءَ جو ٺاهيل هڪ وڏو ٻيٽ سڏي ٿو. جيئن ته انهيءَ وقت جڏهن آڪسيڪانس (يا پورٽيڪانس) يورپي حمله آور جي خلاف جنگ جو ميدان گرم ڪرڻ چاهيو، سياري جي موسم هئي، ۽ سندس علائقي وچان لنگهندڙ درياءَ جي شاخ ۾ پاڻي سڪي ويو هو، جو سڪندر جا جهاز ان ۾ هلي نه پئي سگهيا؛ انڪري سڪندر زمين جي رستي کان هن تي ڪاهه ڪئي. ان کان پوءِ ڇا ٿيو، تنهن بابت ايريئن ۽ ڪُئنٽس ڪرٽيئس جي لکيل بيانن ۾ فرق آهي. ايريئن چوي ٿو ته ”بادشاهه پنهنجي پهرينءَ ئي يلغار ۾ هن جي سڀ کان وڏن ٻن شهرن تي حملو ڪري قبضو ڪيو، جن مان هڪ شهر ۾ اهو سردار پاڻ به قيدي بنايو ويو“[3]. ڪرٽيئس جي بيان موجب، پورٽيڪانس پنهنجن ملڪي ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد سان پاڻ کي هڪ مضبوط قلعي جي شهر پناهه اندر بند ڪري، دشمن جي حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو. سڪندر ٽن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ پورٽيڪانس جي ان شهر تي قبضو ڪيو. انهيءَ مهم جڏهن قلعي جي ٻاهرين مورچن تي قبضو ٿي ويو، تڏهن پورٽيڪانس پنهنجي ڪوٽ جي اندرئين پناهگاهه ۾ هليو ويو هو، ۽ اتان کان هن پنهنجا ايلچي ٻاهر موڪليا ته اهي وڃي فاتح سان صلح جون ڳالهيون هلائين ۽ هن جا شرط معلوم ڪن، جن تي هو شهر سندس حوالي ڪري. پر حمله آورن جي پيشقدمي ايتري ته زوردار هئي، جو جيستائين اهي ايلچي بادشاهه تائين پڄن ئي پڄن، تنهن کان اڳيئي ”قلعي جا ٻه برج ڏاڍي خوفناڪ آواز سان ڊهي اچي پٽ تي ڪريا، ۽ مقدوني فوج تباهه ٿيل شهر جي وچان شاهي ڪوٽ تائين ڌوڪيندي ويئي، ۽ اندرئين ڪوٽ تي قبضو ڪري، پورٽيڪانس کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو پڇاڙيءَ تائين پنهنجن ٿورن ساٿين سان گڏجي ان جو مقابلو ڪندو رهيو.“[4] جيڪڏهن اسين هي بيان قبول ڪريون، ته پوءِ ائين پيو معلوم ٿئي ته سڪندر پاڻ سان گڏ قلعن جي دروازن کي ڀڃڻ واريون ڪلون ويو هو ۽ انداز وڪري سگهجي ٿو ته رهي ڪلون انهن هاٿين کڻي اتي پهچايون هونديون، جيڪي ميوسيڪانس بادشاهه کي تحفي طور پيش ڪيا هئا. مؤرخ ايريئن انهيءَ سردار جي گرفتاريءَ کان پوءِ سندس انجام متعلق ڪجهه به نٿو ٻڌائي ته هن جو پوءِ ڇا ٿيو يا سندس فتح ٿيل علائقن جو ڪهڙيءَ طرح فيصلو ڪيو ويو. هو فقط ايترو چوي ٿو ته اتان جيڪو لٽ ڦر جو مال هٿ آيو، سو فوج ۾ ورهايو ويو، ۽ اتان جا هٿ آيل فقط هاٿي عام مقصدن لاءِ مخصوص رکيا ويا. ڪرٽيئس ٻي هڪ خاص ڳالهه اها ٻڌائي آهي ته اتان جي سڀني قيدين کي فروخت ڪيو ويو، يعني ته انهن جي عيوض پيسا وٺي کين ڇڏيو ويو.[1] [5]

See also[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو: سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.
  2. ايرين، VI، 16؛ ڪرٽيئس، IX، 8.
  3. ايرين، VI، 16؛ ڪرٽيئس، IX، 8.
  4. ايرين، VI، 16؛ ڪرٽيئس، IX، 8.
  5. ايرين، VI، 16؛ ڪرٽيئس، IX، 8.