ديوبند
ڏيک
| ديوبند | |
|---|---|
| شھر | |
| متناسقات: 29°41′31″N 77°40′37″E / 29.692°N 77.677°E | |
| ملڪ | انڊيا |
| رياست | اتر پرديش |
| ضلعو | سھارنپور |
| حڪومت | |
| • مجلس | نگر پالڪا پرساد ديوبند |
| بلندي | 256 ميل (840 ft) |
| آبادي (2011) | |
| • ڪل | 97,037 |
ديوبند(انگريزي: Deoband ) انڊيا جي رياست اتر پرديش جي ضلعي سھارنپور جو ھڪ شھر آھي جيڪو دھلي کان 150 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھي شھر پندرھين ۽ سورھين صدي جي عمارتن ۽ مسجدن جي ڪري مشھور آھي. ان جو ذڪر ابوالفضل(وفات:1602) پنھنجي ڪتاب آئين اڪبري ۾ پڻ ڪيو ھو. 1867ع ۾ مشھور عالمن ھتي دارالعلوم نالي مدرسو قائم ڪيو جنھن جو پرنسپال مولانا محمد قاسم نانوتوي (1832-1877) ٿيو ھو. جنھن جا استاد شاھ ولي الله (1703-1762) جي سلسلي وارا ھئا.
آبادي
[سنواريو]ديوبند جي آبادي,02011 جي آدمشماري مطابق 97037 ھئي جنھن مان 53538 مرد ۽ 43499 عورتون ھيون. آبادي م 6 سالن تائين ٻارن جو تعداد 12200 ھيو. جنسي تناسب مطابق 1000 مردن لکي ڀيٽ ۾ عورتون 812 ھيو.[1] اتان جي مڪاني حڪومت ديوبند نگر پالڪا پرشاد جو اختيار شھر جي 15630 گھرن تائين آهي
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Deoband Shareef demographics", Census India۔