مواد ڏانھن هلو

ديناناٿ منگيشڪر اسپتال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ديناناٿ منگيشڪر اسپتال (Deenanath Mangeshkar Hospital) ڀارت جي مشهور ڳائڻي، لتا منگيشڪر پنهنجي پيءُ ديناناٿ منگيشڪر جي ياد ۾ سال 2001ع ۾ ممبئي ۾ ٺهرائي هئي. دنيا جو پهريون انساني کير جو بينڪ هن ئي هسپتال ۾ قائم ڪيو ويو. هسپتال خير خيرات جي ڪرايل ڪمن مان هڪ آهي ته جيئن غريب ٻارن ۽ عورتن جو مفت ۾ علاج ٿي سگهي.[1]

سنڌ جا ڪيترائي امير اداڪار، رانديگر، ڳائڻن ۽ آرٽسٽ جوانيءَ ۾ ڪمايل پئسو اجايو جوا، شراب ۽ عيش عشرت ۾ وڃائي پوءِ پيريءَ ۾ کٽل سرڪاري ادارن اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو خير خيرات جي ڪمن ۾ لڳائين ٿا. خاص ڪري اسڪول، اسپتالون، ڌرم شالائون ۽ پارڪ ٺهرائين ٿا، جتي سندن ملڪ جا ڏکويل ۽ غريب انسان سک ۽ خوشي حاصل ڪري سگهن.[2]


حوالا

[سنواريو]
  1. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 07 جون 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 19 فيبروري 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  2. ڪتاب: بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾، ليکڪ: الطاف شيخ