ديرا الھيار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

(نوٽ: ھن مضمون ۾ جھٽ پٽ جعفرآباد ۽ ديرا الھيار جو اڃا مونجھارو آھي جنھن جي تصديق ڪئي وڃي)

ديرا الھيار
ڈیرہ اللہ یار
شھر
ديرا الھيار is located in Balochistan, Pakistan
ديرا الھيار
ديرا الھيار
ديرا الھيار is located in Pakistan
ديرا الھيار
ديرا الھيار
بلوچستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 28°22′37″N 68°21′2″E / 28.37694°N 68.35056°E / 28.37694; 68.35056مڪانيت: 28°22′37″N 68°21′2″E / 28.37694°N 68.35056°E / 28.37694; 68.35056
ملڪ پاڪستان
صوبو بلوچستان
ضلعو جعفرآباد ضلعو


ديرا الھيار(انگريزي: Dera Allah Yar) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد جو ھڪ شھر ۽ ساڳي نالي سان تحصيل جي صدر مقام آھي. ھن شھر جو پراڻو نالو جھٽ پٽ ھيو پر اتي ھڪ سياسي اڳواڻ مير الھيار خان کوسو جي قتل جي واقعي بعد ان جو نالو جھٽ پٽ جي جاء تي ديرا الھيار رکيو ويو. لفظ ڊيرا يا ديرا جو مطلب شھر آھي تنھن ڪري شھر جو نالي جو مطلب آهي الھيار جو شھر. 27 آگسٽ 2008 تي نواب اڪبر بگٽي جي ورسي تي جھموري وطن پارٽي جي جلسي ۾ بم ڌماڪو ٿيو جنھن ۾ 25 ماڻھو زخمي ٿيا[1] ھتان جي ماڻھن جي ٻولي ، اردو، سرائڪي سنڌي ۽ بروھي آھي.ھي شھر کي 1987 ۾ تحصيل جو درجو ڏنو ويو . تحصيل جي پکيڙ 2,445 چورس ڪلوميٽر يا 944 چورس ميل آهي.[2] تحصيل جي آبادي 432,817 آهي.[2] پوسٽل ڪوڊ 08289 اٿس.[2] ھي شھر جھٽ پٽ جي نالي سان جيڪب آباد ضلعي جو حصو ھيو پر 1970 ۾ کيس ڌار ڪري سبي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو اھڙي طرح 1975 تائين سبي جو حصو رھيو[2].ھن شھر جو ڊائلنگ ڪوڊ 9233+ آھي.

حوالا[سنواريو]