ديباچو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تمھيد، پيش لفظ، يا ارپنا سان ڀل نہ کائو.
وليم بلڪي پاران بيت ميلٽن بابت لکيل ديباچو

ديباچو (انگريزي: Preface)، ڪنهن ڪتاب يا ادبي ڪم جي شروعات ۾ لکيل لفظن کي چيو ويندو آهي، ديباچو ڪتاب جو لکيڪ لکندو آهي جڏهن ته ڪتاب بابت لکيڪ کان سواءِ ڪير ٻيو مضمون لکي ته ان کي پيش لفظ چيو ويندو آهي. پيش لفظ اڪثر ديباچي کان پهرين موجود هوندو آهي. ديباچي ۾ اڪثر اهو ٻڌيل هوندو آهي ته ڪتاب ڪنهن جي مدد سان مڪمل ٿيو.

ديباچي ۾ اهو ٻڌايو ويندو آهي ته هي ڪتاب ڪيئن ممڪن بڻيو، ڪتاب لکڻ جو خيال ڪيئن آيو. ان کان سواءِ ليکڪ انهن جا ٿورا مڃيندو آهي جن ڪتاب ۾ سهڪار ڪيو. ديباچي جي هيٺ اڪثر ليکڪ جي صحيح، تاريخ ۽ جاءِ لکيل هوندي آهي پر ديباچي لاءِ اهو ضروري ناهي، جڏهن ته پيش لفظ ۾ لکندڙ جي صحيح هجڻ ضروري آهي.

Preface لاطيني ٻولي جي لفظن prae ۽ fatia جو مرڪب آهي، جنهن جي معني ”پهريون ڳالهائڻ“ آهي.[1][2]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "preface". Dictionary.com. حاصل ڪيل September 18, 2013. 
  2. "praefātĭo". حاصل ڪيل September 18, 2013.