مواد ڏانھن هلو

مقدمو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مقدمو (انگريزي: Prelegomenon ) ادبي دنيا ۾ مقدمي جو مقصد آهي ڪنهن به ڪتاب تي دليلن ، حوالن ۽ ذاتي تجربي آهر ڀرپور نموني راءِ ڏيڻ. ڪنهن تصنيف يا ترتيب ڏنل ڪتاب تي مصنف، مرتب يا ٻيو ڏاهو يا ڄاڻو اديب مقدمو لکندو آهي. مقدمو، مهاڳ کان وڌيڪ تحقيقي ۽ اثرائتو هوندو آهي. [1]مقدمي نگاري کي اڄ تائين تحقيق جي ميدان ۾ نه فن ڪري مڃيو ويو آهي. نه ڪي هن جي لاءِ ڪي خاص اصول ئي مقرر ڪيا ويا آهن، جيتوڻيڪ هر تحقيقي ڪتاب جي لاءِ مقدمو ضروري هوندو آهي[2]. سنڌي ڪتابن ۾ مقدمي جي بدران ٻيا ڪيترا لفظ ڪم آندا آهن وڃن ٿا، جيئن ديباچو، تعارف، ٻه لفظ، پيش لفظ، وغيرهه، مولوي حڪيم محمد صادق راڻيپور واري سچل سرمست جي سرائڪي ڪلام کي ترتيب ڏيندي ڪلام جي اڳيان پريفيس [3] کي مولف جي گذارش ۽ انٽروڊڪشن [4] کي تعارف ڪري لکيو آهي، جنهن ۾ سچل سرمست جي زندگي ۽ شاعري تي تفصيلي روشني وڌي اٿس! اهڙي طرح سنڌي ڪتابن ۾ انٽروڊڪشن[5] لاءِ ڪوبه هڪ خاص لفظ مقرر نه آهي. تنهن ڪري پڙهندڙن جي نظر ۾ مقدمو ، ديباچو، تعارف، ٻه لفظ ۽ ٻه اکر وغيره سڀ هڪ ڳالهه ڪري سمجھيا وڃن ٿا؛ ۽ انهن ۾ جيڪو مواد ڏنو وڃي ٿو انهيءَ ۾ به گهڻو ڪري فرق نه هوندو آهي[2]. انگريزي ۾ لکيل تحقيقي ڪتابن جي اڳيان پريفيس ۽ انٽروڊڪشن [6] ضروري هوندو آهي ۽ ٻنهي جو مقصد بلڪل جداگانه ۽ انداز بلڪل مختلف هوندو آهي. پر جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته پريفيس [7] لاءِ سنڏي ۾ لفظ ”مصنف جي گذارش“يا رڳو لفظ ”گذارش“ هئڻ گهرجي ۽ انٽروڊڪشن لاءِ مقدمو يا تعارف هئڻ گھرجي، جيڪي مقصد ۽ موضوع جي لحاظ کان ٺهڪي اچن ٿا[2]. Preface ۾ مصنف پنهنجي ڪيل جدوجهد، مشڪلاتن ، ڪتاب جي ضرورت ۽ همدردن مددگارن جي مڃتا جو ذڪر ڪري ٿو، تنهن ڪري هر ڪتاب لاءِ ضروري آهي. پر جيڪڏهن مصنف چاهي ته ڪتاب بابت مختصر بيان به ڪري سگھي ٿو. پر مقدمو (Introduction) خاص تحقيقي ڪتابن لاءِ ضروري آهي[2]. جنهن ۾ ڪتاب جي تحقيقي مقصد تجزئي ۽ مواد جي مختصر بيان کي جامع انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، جيئن پڙهندڙن کي پوري ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت جو پتو پوي ۽ پڙهندڙن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي دلچسپي پئدا ڪري[2]. سنڌي ادب جي ڪتابن ۾ هونءَ ته ڪيترائي مقدما لکيا ويا آهن، جيڪي پنهنجي الڳ حيثيت رکن ٿا. پر گربخشاڻي جي مقدمي لطيفي ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي ڪتابن جي مقدمن کي جيڪڏهن غور سان ڏسنداسين ته اهي مقدما فني توڙي ادبي لحاظ کان پنهنجي خصوصيتن جي ڪري وڏي اهمت رکن ٿا[2]. انگريزي ڪتابن ۾ جيڪو مقدمي جو انداز ۽ سٽاءَ پيش ٿيل هوندي آهي تنهن کان مٿئين صاحبن جا لکيل مقدمان گهڻو اڳتي وڌيل نظر اچن ٿا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب هر ڪتاب جو مقدمو اهڙي انداز سان لکيو آهي جو مقدمي جو مواد، مقصد، تحقيق ڪندي جيڪي نيون کوجنائون ڪيون آهن، تن کي بلڪل مختصر انداز ۾ پڙهندڙن جي اڳيان هڪ ئي نظر ۾ آڻيو ڇڏي[2]. ائين کڻي چئجي ته ڊاڪٽر صاحب جا مقدما سندس تحقيق جو روح هوندا آهن. سندس انهيءَ انداز بيان ۽ سٽاءَ مان مقدمي نگاري جي فني حيثيت ۽ اصول ظاهر نظر اچن ٿا[2]. جيڪڏهن لکيل مقدمن جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته مقدمي نگاري هڪ مڪمل فن آهي ۽ انهيءَ جا ڪي منطقي اصول آهن، جن کي مقدمي لکڻ وقت مصنف کي پنهنجي خيالن ۾ ضرور رکڻ گھرجي[2]. اهڙي طرح ڪن ضروري ڳالهين ۽ اصولن جي مجموعي امتزاج سان، هن فن جي تشڪيل ۽ تعمير ٿي سگھي ٿي۽ مقدمو ادبي دنيا ۾ وڌيڪ اهميت حاصل ڪري سگھي ٿو. مقدمو ڪنهن ڪتاب جي باري ۾ محص تعارف جي صورت ۾ لکيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري مقدمي نگاري جي حيثيت نڪي ڪنهن مستقل ادبي صنف جي لکي ويئي آهي، نڪي ڪنهن زبان جي ادب ۾ هڪ باقاعدي ادب جي شاخ سمجھي وڃي ٿي[2]. عام طور ڪنهن به ڪتاب جو مقدم رسمي هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن مصنف خود لکي ٿو ۽ ڪڏهن ڪنهن جي فرمائش تي لکيو ويندو آهي. پر اهڙن فرمائشي مقدمن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانه هوندي آهي، جيڪا ڪنهن ادبي تحقيقي صنف لاءِ ضروري هوندي آهي. اهڙا مقدما تعريفي هوندا آهن[2]. ڪنهن به ڪتاب جي مقدمي ۾ جيڪي اهميت واريون ڳالهيون تفصيلي بيان ڪيون وينديون آهي، تن جو تحقيق ڪندڙ مسئلي کي حل ڪرڻ کانپوءِ تفصيل ڏيندو آهي، پر انهن اهم مسئلن کي، هن جي نڪتي نگاهه کان ايتري اهميت هوندي آهي جو هو انهن کي مسئلي جي شروعات ۾ ڏيندو آهي[2]. اهڙي طرح تحقيق ڪندڙ اهو مناسب سمجھندو آهي ته پري تحقيق ۾ جيڪا ضروري معلومات پيش ٿيل آهي تنهن کي مختصر ڪري پڙهندڙن جي پيش نظر رکي. انهيءَ ڪري چيو ويو آهي ته ”مقدمي نگار جو ڪم آهي ته ڪنهن تدوين جي انهن مختلف شعبن کي پڙهندڙن جي نگاهه ۾ آڻي، جن مان انهن کي معلوم ٿئي ته لکندڙ جو مقصد اصل تحقيق ۽ اصل تنقيد لاءِ، صحيح ترين مواد، عام ضروري تفصيلات سان پيش ڪرڻ آهي“ يعني مقدمو ڪتاب جو هڪ قسم جو روح هوندو آهي جيڪو سڄي جسم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ لکيو ويندو آهي[2]. جنهن ۾ پوري مواد کي نچوڙي انهيءَ جو خاص مقصد ڏنو ويندو آهي. ”۽ انهي لاءِ ته ڪتاب پڙهڻ کان اڳي پڙهندڙن جي ذهن ۾ ڪتاب جو مقصد ۽ اهميت واضح هجي ته جيئن ڪتاب جي مطالعي وقت موجھارو نه ٿئي. اهڙي طرح ”مقدمو“ ڪتاب جو پهريون حصو آهي جيڪو پنهنجي وجود جي اعتبار کان آخري ليڪن ڪم جي لحاظ کان اولين هوندو آهي“[8] يا ائين چئجي ته مقدمو پوري ڪتاب جو عڪس يا ايڪس ريز هوندي آهي جيڪا ڪتاب جي هر سٺائي ۽ خرابي کي هڪ ئي نظر ۾ اڳيان ڏئي ٿي. تحقيق ڪندڙ ڪهڙي طرح ۽ ڪهڙي انداز ۾ اهو مواد تنقيد ڪندڙ ۽ پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري، جو هو بنا ڪنهن وڌيڪ جدوجهد ۽ محنت جي ڪتاب جي اهميت ۽ مقصد کان ڪتاب پڙهڻ کان اڳي واقف ٿي وڃن. مقدمي بابت حبيب الرحمان خان شيرواني لکي ٿو ته: ”توهين جڏهن ڪاروبار جي ڪنهن وڏي مرڪز جي ڀرسان لنگھندا ته ڏسندا ته دڪان جي سامهون حصو سڀني کان اڳيان سليقي ۽ دل فريب طريقي سان سينگاريل هوندو آهي، جيڪو پنهنجي دل فريبي سان نگاهن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪندو آهي ۽ متوجهه ٿيڻ تي جڏهن نگاهون تفصيل سان وجھيون ته ٻڌائينديون ته توهان کي جيڪي شيون ملنديون اهي ڪهڙيون آهن. اهوئي حال ڪتاب جي مقدمي جو هوندو آهي جو توهانکي دلڪش نموني ذهن نشين ڪرائيندو آهي ته ڪتاب ڇا آهي“ [9] .

مقدمي جا لوازمات

[سنواريو]
  1. مقدمي ۾ ترتيب هئڻ گهرجي[2].
  2. مقدمو ادبي ۽ لساني تحقيقي هئڻ گهرجي[2].
  3. مقدمي ۾ وسعت ۽ گهرائي هئڻ گهرجي[2].
  4. مقدمون لکڻ کان اڳي موضوع جو واضح تصور ذهن ۾ هئڻ گهرجي[2].
  5. مقدمو ادبي تنقيد ۽ تبصرو هئڻ گهجي[2].
  6. مقدمي ۾ خيال، نظريا، فڪر ۽ تصور هئڻ گهرجي[2].
  7. مقدمي ۾ مرڪزي خيال جي نوعيت قومي، معاشرتي تهذيبي هئڻ گهجي[2].
  8. مقدمو ڪتاب جي اهميت جو مڪمل اظهار هئڻ گهرجي[2].
  9. مقدمي ۾ بلڪل مفصل ۽ تفصيل سان مختصر بيان هئڻ گهرجي[2].
  10. مقدمي ۾ صداقت بيان ٿيل هئڻ گهرجي، نڪي مداح هئڻ گھرجي[2].
  11. مقدمو اعليٰ درجي جو تحقيقي ۽ تنقيدي مقالو هئڻ گهرجي جنهن ۾ تاريخي، مذهبي، معاشرتي، تهذيبي، لساني، ادبي ۽ تنقيدي موضوع تي تمام عالمانه بحث هئڻ گهرجي[2].
  12. اهم پيچيدھ پهلو مقدمي ۾ پڙهندڙن جي اڳيان اچڻ گهرجي[2].
  13. مقدمي ۾ نئين معلومات هئڻ گهرجي[2]. #مقدمي ۾ نئون تنقيدي شعور هئڻ گهرجي[2].
  14. مقدمي جي اسلوب ۾ نئون جمالياتي شان هئڻ گهرجي[2].
  15. مقدمي ۾ فني انفراديت نظر اچڻ گهرجي[2].

حوالا

[سنواريو]
  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 2.21 2.22 2.23 2.24 2.25 2.26 2.27 2.28 {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)}-
  3. preface
  4. introduction
  5. introduction
  6. preface ۽ introduction
  7. preface
  8. Edgar H. Sturtevent. An} Introduction to Linguistic Science. New Haven! Yale University Press, 1947- P-2.}
  9. {جتوئي علي نواز حاجي خان، علم لسان ۽ سنڌي زبان. ص - 29}