ڪردار نگاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڪردار نگاري __(Characterization):

ڪهاڻيءَ ۾ موجود فردن کي ڪردار چيو ويندو آهي، پر جديد ادبي دنيا ۾ هر شيءِ هڪ ڪردار آهي. انسان، جانور، جبل، سمنڊ، پکي پکڻ، سڀ پنهنجي جڳهه تي ڪردار آهن. اهو هڪ اديب تي ڇڏيل آهي ته ڪهڙي شيءِ کان متاثر ٿي انهيءَ کي پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ جڳهه ڏئي ٿو. پر شرط اهو آهي ته هو جنهن ڪردار کي چونڊي ٿو، ان متعلق کيس مڪمل ڄاڻ هجي. ان ڪردار جي خاصيت ان ڪردار جي خصلت کان چڱيءَ طرح واقف هجي. مثال ارنيسٽ هيمنگوي (1899-1961ع) جو مشهور ناول “پوڙهو ۽ سمنڊ” ۾ سمنڊ به هڪ ڪردار آهي جنهن تي ڪهاڻي ڦري ٿي. افسانوي ادب ۾ ڪردار نگاريءَ ۾ توازن اھم جزو ھوندو اھي. افساني ناول يا ڊرامي جا ڪردار اسماني مخلوق نھ، پر معاشري جا جيئرا جاڳندا انسان ھجن. سندس ڪردارن مان معاشري جو عڪس نمايان نظر اچي. .[1].

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي