دائودپوٽا
داد پوٽا يا داؤد پوٽا ھي پاڻ کي اصل عباسي خليفن جي اولاد امير احمد جي نسل مان ٿا ڄاڻن، جو مڪران مان سنڌ ۾ آيو. انھيءَ ۽ انھيءَ جي پٽ ٺٽي جي ھندو حاڪمن جون ڌيون پرڻيو ۽ اُتي حاڪم ٿي رھيا، پر پوءِ برھمڻ آباد جي ھندو راجا اُنھن کي ھڪالي درياھ لنگھائي ڇڏيو ۽ ھو وڃي سيوھڻ جي ويجھو ويٺا. ڄام چينه کي اڪبر بادشاھ کان جاگير مليل ھئي. پوءِ ھن کي پنھنجي ڀائٽئي ڪلھوڙي سان وڙھڻو پيو. آخر بيزار ٿي اُتر ڏي ويو ۽ وڃي زمينداري ڪم کي لڳو. ٻيا ڪي چون ٿا ته داؤد پوٽا اصل ڪوري ھئا ۽ سندن ڏاڏو داؤد ٻِن سون ورھين جي عمر جو ھو. داؤد جي اٺين پيڙھي بھادر خان اورنگزيب بادشاھ جي ڏينھن ۾ بکر جي حاڪم وٽ نالو ڪڍيو ۽ لکي ۽ خانپور جاگير ۾ مليس. اتي ھڪڙو وڏو ٻيلو ھو، جتي شڪار ڪندو ھو. انھيءَ وقت ڌاري شير خان مَھَر پنھنجي قوم جو لشڪر وٺي اُٻاوڙي مان اچي لکي ۽ آسپاس ھٿ ڪري ويھي رھيو. بھادر خان ھن سان جنگ ڪئي ۽ ھن کي ڀڄائي لکي ڦري شڪارپور جو شھر ٻڌائين ۽ شڪارگاه ھئڻ ڪري اھي نالو ڏنائينس. اھا ڳالھ سنه 1026ھ (سنه 1617ع) ۾ ٿي. پوءِ جو احوال سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندو.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو