خطبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خطبو (Address) خطبو، لفظ خطاب مان ورتل آهي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ مذهبي خطاب يا واعظ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. خطبن ۾ اسلامي تعليمات جو پيغام ڏنو ويندو آهي. قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ مذهبي فريضا سيکاريا ويندا آهن. خطبا اڪثر نثر ۾ هوندا آهن پر، سنڌيءَ ۾ ڪيترا خطبا شاعريءَ ۾ بہ لکيل آهن. مولوي غلام رسول جتوئي جا خطبا اڄ تائين جمعي جي نماز ۾ پڙهايا ويندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.