خروشتي اسڪرپٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خروشتي رسم الخط ___(Kharooshti Script):

ان رسم الخط خروشتي/کروشِتي جي ارتقا افغانستان ۽ پاڪستان جي مٿاهين علائقن ۾ ٿي. اها سنسڪرت کان اڳ واري دور ۾ گنڌاري پراڪرت ٻولي لکڻ لاءِ استعمال ۾ آندي وئي هئي. اها رسم الخط ٽئين صدي قبل مسيح جي ڌاري لکت ۾ آئي. اڳتي هلي ٽين صدي عيسوي ۾ ختم ٿي. ان رسم الخط ۾ گنڌارا تهذيب جي دور ۾ ”ڪشن“ شهنشاهت جي زماني ۾ ترقي ورتي. اها ساڄي-کاٻي به لکي ويندي هئي ته کاٻي-ساڄي به لکي ويندي هئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي