حڪيم ماني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
پيغمبر
ماني
ماني جيڪو زرتشتي پيغمبر سڏيو ويندو هو جنھن کي نور جو رسول چوندا ھيا
پيدائش AD 216
طيسيفان, پارٿين ايمپائر بابل[1] (modern-day عراق)
وفات 2 مارچAD 274[2]( جي عمر ۾ 57–58)
گنڊيشاپور, ساساني ايمپائر (موجوده ايران)
شھرت جو ڪارڻ ماني ازم جو باني
والدين پاٽڪ ۽ مريم


ماني يا حڪيم ماني(انگريزي: Mani)ماني جو پيءُ فاتڪ همدان جو رهاڪو هو پر وطن ڇڏي بابل ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ آباد ٿي ويو. ماني هڪ ڳوٺ ۾ 215ع ۾ انهيءَ جاءِ تي، جيڪا ساساني حڪومت جي گادي واري شهر طيسفون کان 60 ميل پري هئي، پيدا ٿيو. وڏو ٿي هن زرتشت، عيسائيت، عرفانيت ۽ ٻين مذهبن جو مطالعو ڪيو ۽ حق جي ڳولا ۾ مختلف ملڪن جو سير ڪيو. هو هندستان ۾ به آيو ۽ هندو مَت ۽ ٻڌ مَت جي پيشوائن (مذهبي اڳواڻن) سان مليو. آخرڪار هن پنهنجي مذهب جي تبليغ شروع ڪئي ۽ فاقليط هئڻ جي دعوى ڪئي، جنهن جي خبر حضرت عيسى ڏني هئي. هڪ حمديه تراني ۾، جيڪو پهلوي ٻوليءَ ۾ آهي، ماني چوي ٿو: ”مان بابل کان آيو آهيان ته جيئن حق جو آواز سڄيءَ دنيا کي ٻڌايان.“[3] ماني جو مذهب عيسائيت، زرتشتيت ۽ ٻڌ مت جو معجون مرڪب هو. ان جو بنياد نُور ۽ ظلمت جي جنگ (زرتشت)، تثليث (عيسائيت) ۽ تناسخ (ٻڌ مت) جي ميلاپ تي هو. ماني جي مذهبي سماج جي زندگيءَ ۾ ٻن طبقن کي وڏي اهميت هئي. اول وزيدگان (برگزيده، بزرگ ماڻهو) ۽ ٻيو نيوشگان (ٻڌڻ وارا، سامعين، عام پوئلڳ). وزيدگان حقيقت ۾ ٻڌ مت جي ڀڪشن جيان هئا. گوشت يا سبزي کائڻ ۽ شراب پيئڻ مٿن حرام هو، هُو نه ڪو ڌنڌو اختيار ڪري سگهيا ٿي ۽ نه شادي. کين تاڪيد ڪيل هو ته هڪ ڏينهن جي خوراڪ ۽ هڪ سال جي پوشاڪ کان وڌيڪ پاڻ وٽ نه رکن ۽ پنهنجو سمورو وقت واعظ ۽ نصيحت ۾ گذارن. نيوشگان تي اهڙي پابندي ڪا نه هئي[3]. ماني جي تعليم بابل ۽ ايران ۾ ڏاڍي قبول ٿي، تنهنڪري شاپور جا ٻه ڀائر مهرشاهه (بابل جي والي) ۽ پيروز (خراسان جو والي) ماني جا عقيدتمند ٿي پيا ۽ پوءِ شهنشاهه به سندس نئين دين کي قبول ڪري ورتو. شاپور جي وفات کان پوءِ ان جو پٽ ۽ جانشين هرمزت (اول) به ماني جي پيروي ڪندو رهيو، پر هڪ سال کان پوءِ سندس ڀاءُ بهرام اول جڏهن تخت تي ويٺو ته مَوبدن جي وري قسمت ورِي پئي. بهرام ڏاڍو عياش ۽ نا اهل حاڪم هو، تنهنڪري هن زرتشتي ڪليسا جي خوشامد ۾ پناهه ورتي. يعقوبي روايت ڪري ٿو ته هن ماني کي جهلائي سڏايو ۽ حڪم ڏنو ته هو مَوبدانِ مَوبد سان بحث ڪري. جيئن ته نتيجي جو فيصلو وڏي ٻائي جي راءِ تي هو، تنهنڪري ظاهر آهي ته ماني کي شڪست ٿي ۽ الحاد جي ڏوهه ۾ هن جي کل ڇڪي لاٿي وئي ۽ سِسي وڍي گنديشاپور شهر جي ڦاٽڪ تي ٽنگي وئي. اهو واقعو 276ع جو آهي[3]. ماني جي قتل کان پوءِ سندس پوئلڳن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو ۽ سخت سزائون ڏنيون ويون، پوءِ به سندن مذهب مٽجي نه سگهيو ۽ ڳجهي نموني جيئرو رهيو[3].

حوالا[سنواريو]

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ICS
  2. SASANIAN DYNASTY, حاصل ڪيل 2015-01-12 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 [1](ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ: سبط حسن)