حيدرآباد لٽريچر فيسٽول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حيدرآباد لٽريچر فيسٽول (HLF) ھڪ سالياني ادبي گڏجاڻي آھي جيڪا اڪيڊمي فار پروموشن آف آرٽ، لٽريچر اينڊ لٽريسي (APAL) پاران حيدرآباد، سنڌ ۾ ڪوٺائي ويندي آھي.

تاريخ[سنواريو]

فيسٽول پھريو ڀيرو اپريل 2016 ۾ حيدرآباد اسپورٽس ڪلب ويجھو نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٽن ڏينھن لاءِ 15 کان 16 اپريل تائين ٿيو.[1] ٻيو موقعو جنوري 2017ع ۾ 6 کان 8 جنوري تائين سنڌ عجائب گھر، قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ٿيو.[2]

گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترين ئي عوامي شخصيت شرڪت ڪئي آھي جن ۾ سياستدان رسول بخش پليجو، سيد سردار علي شاھ، حميدا کھڙو، سسئي پليجو، صحافي نصير مزرا، وسعت الله خان، ليکڪ امر جليل، حليم باغي ۽ ٻيا شامل آھن.[3][4]

ٽيون حيدرآباد لٽريڇر فيسٽول 19 کان 21 جنوري 2018ع تائين تائين سنڌ عجائب گھر، حيدرآباد ۾ ڪوٺايو ويندو.

فيسٽول[سنواريو]

گڏجاڻي ۾ ڪيترائي سيشن ھوندا آھن جن جو مقصد سنڌ جا سنڌ جا سماجي مسئلا، سنڌي ثقافت، سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل مسئلا، سنڌي ادب ۾ ايندڙ ترقيون وغيره نمايان ڪري پيش ڪرڻو ھوندو آھي.[5] ڪتابن جا اسٽال، فلم اسڪريننگ، مشاعري جا سيشن ۽ لوڪ موسيقيءَ جي ڳائڻن جا سيشن پڻ فيسٽول دوران ڪرايا ويندا آھن.[6]

حوالا[سنواريو]