مواد ڏانھن هلو

حيدرآباد لٽريچر فيسٽول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حيدرآباد لٽريچر فيسٽول (HLF) ھڪ سالياني ادبي گڏجاڻي آھي جيڪا اڪيڊمي فار پروموشن آف آرٽ، لٽريچر اينڊ لٽريسي (APAL) پاران حيدرآباد، سنڌ ۾ ڪوٺائي ويندي آھي.

تاريخ

[سنواريو]

فيسٽول پھريو ڀيرو اپريل 2016 ۾ حيدرآباد اسپورٽس ڪلب ويجھو نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٽن ڏينھن لاءِ 15 کان 16 اپريل تائين ٿيو.[1] ٻيو موقعو جنوري 2017ع ۾ 6 کان 8 جنوري تائين سنڌ عجائب گھر، قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ٿيو.[2]

گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترين ئي عوامي شخصيت شرڪت ڪئي آھي جن ۾ سياستدان رسول بخش پليجو، سيد سردار علي شاھ، حميدا کھڙو، سسئي پليجو، صحافي نصير مزرا، وسعت الله خان، ليکڪ امر جليل، حليم باغي ۽ ٻيا شامل آھن.[3][4]

ٽيون حيدرآباد لٽريڇر فيسٽول 19 کان 21 جنوري 2018ع تائين تائين سنڌ عجائب گھر، حيدرآباد ۾ ڪوٺايو ويندو.

فيسٽول

[سنواريو]

گڏجاڻي ۾ ڪيترائي سيشن ھوندا آھن جن جو مقصد سنڌ جا سنڌ جا سماجي مسئلا، سنڌي ثقافت، سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل مسئلا، سنڌي ادب ۾ ايندڙ ترقيون وغيره نمايان ڪري پيش ڪرڻو ھوندو آھي.[5] ڪتابن جا اسٽال، فلم اسڪريننگ، مشاعري جا سيشن ۽ لوڪ موسيقيءَ جي ڳائڻن جا سيشن پڻ فيسٽول دوران ڪرايا ويندا آھن.[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Hyderabad Literature Festival, a much needed activity". The Sindh Times. April 16, 2016. Retrieved January 8, 2018. {{cite web}}: Cite has empty unknown parameter: |dead-url= (help)
  2. "Hyderabad Literature Festival From Jan 6". Pakistan Point. Retrieved January 8, 2018. {{cite web}}: Cite has empty unknown parameter: |dead-url= (help)
  3. "Literary event: Second Hyderabad Literature Festival comes to an end". ايڪسپريس ٽربيون. January 10, 2017. Retrieved January 8, 2018. {{cite web}}: Cite has empty unknown parameter: |dead-url= (help)
  4. "New in town: Hyd hosts its first literature festival". ايڪسپريس ٽربيون. April 17, 2016. Retrieved January 8, 2018. {{cite web}}: Cite has empty unknown parameter: |dead-url= (help)
  5. "Yearning for more: First-ever Hyderabad Literature Festival ends with a bang, not a whimper". ايڪسپريس ٽربيون. April 18, 2016. Retrieved January 8, 2018. {{cite web}}: Cite has empty unknown parameter: |dead-url= (help)
  6. "Cultural importance: Promoting and protecting the arts". ايڪسپريس ٽربيون. April 17, 2016. Retrieved January 8, 2018. {{cite web}}: Cite has empty unknown parameter: |dead-url= (help)