حسينه معين
ڏيک
| حسينه معين | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| رهائش | |
| شھريت | |
| ڌرم | |
| عملي زندگي | |
| مادر علمي | |
| اعزازات | |
| ويب سائٽ | |
| ترميم | |
حسينه معين مشهور ڊراما نويس 1942ع ڌاري ڪانپور (ڀارت) ۾ جنم ورتو.
شروعات
[سنواريو]شروعاتي تعليم راولپنڊي، لاهور ۽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي لکڻ جو شوق هئس. ستين ڪلاس ۾ پڙهندي، ’ڀائي جان‘ جي نالي سان ڪالم لکيائين. ان کان پوءِ شاگرديءَ جي زماني ۾ ئي ريڊيو جي پروگرام ’اسٽوڊيو نمبر ون‘ لاءِ ڏهن کان مَٿي ڊراما لکيائين. تعليم مڪمل ڪري تعليم جي شعبي سان وابسته ٿي اڄڪلهه ڪراچيءَ جي هڪ اسڪول ۾ پرنسپال آهي. ٽي. وي جي سلسليوار ڊرامن ۾ ڪم ڪندي هن وڏي شهرت ماڻي.
ڊراما
[سنواريو]سندس هيٺيان ٽي. وي ڊراما مشهوري ماڻي چڪا آهن: (1) ’شهزوري‘ (2) ’ڪرن ڪهاني‘، (3) ’زير زبر پيش‘، (4) ’انڪل عرفي‘، (5) ’ان ڪهي‘، (6) ’پرڇائيان‘، (7) ’بندش‘، (8) ’ڌنڌ‘، (9) ’تنهائيان‘، (10) ’ڌوپ ڪناري‘ ۽ (11) ’آهٽ‘. [1]
حوالو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012