حبيب بئنڪ لميٽڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حبيب بئبڪ پلازا، ڪراچي

حبيب بئنڪ لميٽڊ ملڪ جي اوائلي بئنڪ آهي، جنهن جو هيڊڪوارٽر ڪراچيءَ ۾ آهي ۽ ان کي حبيب بئنڪ پلازا سڏجي ٿو.

تاريخ[سنواريو]

محمد علي جناح مسلم رياست ۾ معيشت جي ترقيءَ لاءِ سوچيندي. حبيب خاندان تي زور ڀريو ته هُو هڪ ڪمرشل بئنڪ قائم ڪن، جيڪا وقت جون معاشي تقاضائون پوريون ڪري سگهي. انهن حالتن کي ڏسندي، 1941ع ڌاري حبيب بئنڪ لميٽيڊ جو بنياد رکيو ويو. پاڪستان جي قيام کان اڳ حبيب بئنڪ خانگي شعبي طور هڪ لميٽيڊ ڪمپنيءَ جي حيثيت ۾ قائم ٿي.

ڦهلاءُ[سنواريو]

1944ع ۾ هن بئنڪ جي پهرين شاخ بمبئيءَ کان ٻاهر قائم ٿي، بعد ۾ تيزيءَ سان هن بئنڪ جون شاخون ايشيا کنڊ جي مختلف شهرن ۾ قائم ٿيڻ لڳيون. پاڪستان تحريڪ جي اوج واري زماني ۾ هن بئنڪ کي اهو اعزاز حاصل هو ته هن بئنڪ ۾ قائداعظم رليف فنڊ، مسلم ليگ فنڊ جمع ٿيا. پاڪستان قائم ٿيڻ وقت هن بئنڪ جي رجسٽرڊ آفيس 17 آگسٽ 1947ع تي بمبئيءَ مان ڪراچيءَ منتقل ڪئي وئي ۽ تجارتي بئنڪ جي حيثيت سان سڀني ڪمن ۾ بئنڪاري شروع ٿي. هن بئنڪ جون شاخون پاڪستان سميت سڄيءَ دنيا ۾ قائم ٿيون. هن وقت سڄي ملڪ ۾ هن بئنڪ جون 1450 ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 55 شاخون آهن.

قوميائي ۽ نجڪاري[سنواريو]

1974ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ ٻين ڪمرشل بئنڪن وانگر هن بئنڪ کي به قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو ۽ 1998ع ۾ حڪومت ٻيهر هن بئنڪ کي نجي ملڪيت ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هيءَ بئنڪ پاڪستان ۾ نجڪاريءَ جي حوالي سان ۽ پنهنجي گراهڪن کي جديد سهولتون مهيا ڪرڻ ڪري وڏي اهميت رکي ٿي ۽ هن جو شمار پاڪستان جي وڏين بئنڪن ۾ ٿئي ٿو.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012