ابن العربي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

تصوف جي وحدة الوجود واري فلسفي جو شارح شيخ ابوبڪر محي الدين محمد ابن علي، جيڪو ’شيخ اڪبر‘ ۽ ’ابن العربي‘ جي نالن سان مشهور آهي، ابن العربي 17 رمضان 560 هه/28 جولاءِ 1165ع تي اندلس جي شهر مرسيا ۾ ڄائو. سندس تعلق عرب جي مشهور قبيلي ’طائي‘ سان هو ۽ پاڻ مشهور سخي حاتم طائيءَ جي نسل مان هو، تنهنڪري کيس ’الحاتمي الطائي الاندلسي‘ به سڏيو وڃي ٿو.

تعليم ۽ سفر[سنواريو]

1173ع ۾ ابن العربي ’اشبيليه‘ پهتو ۽ ٽيهه سال اتي جي عالمن ۽ صوفين کان ظاهري ۽ باطني علم وٺندو رهيو. ان کان پوءِ حج جي سعادت حاصل ڪري بيت المقدس پهتو. ان کان پوءِ بغداد ۽ حلب آيو، هر هنڌ سندس تڪريم ۽ تعظيم ٿيندي هئي. اتان کان پوءِ 39 سالن جي عمر ۾ 598هه/ 1201ع ۾ هو مشرقي ملڪن ڏانهن روانو ٿيو. پهرين مصر پهتو، ڪجهه عرصو اتي رهڻ کان پوءِ بيت المقدس، مڪي شريف، بغداد، حلب ۽ آخر ۾ دمشق ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي ئي 638هه / 1240ع ۾ وفات ڪيائين. جبل قاسيون ۾ دفن ٿيل آهي.

تصوف لاءِ خدمتون[سنواريو]

ابن العربي تصوف ۾ وحدة الوجود جو فلسفو متعارف ڪرايو ۽ سڀ کان پهرين پاڻ ئي، پنهنجن ڪتابن ۾ انهيءَ فلسفي جي شرح بيان ڪيائين. ’فتوحات مڪيه‘ ۽ ’فصوص الحڪم‘ ان سلسلي ۾ سندس نالي وارا ڪتاب آهن. هن جي ٻين تصنيفن ۾ ’مفاتح الغيب‘، ’تنزلات‘، ’ترجمان الاشواق‘، ’الآيات المتشابهات‘، ’ذخائر الاعلاق‘ وغيره قابل ذڪر آهن. مٿيان ڪتاب تفسير، حديث، فقه، سيرت، علم و ادب ۽ وحدة الوجودي فلسفي (همه اوست) تي لکيل آهن. هن جي ڪتابن جو انداز 300 کن آهي.

ابن العربيءَ جا ’فتوحات مڪيه‘، ’فصوص الحڪم‘ ۽ ’تنزلات‘ ڪتاب، سندس پختي فڪر جا ترجمان آهن ۽ هنن ئي ڪتابن ۾ همه اوست واري صوفياڻي فلسفي کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. هڪ حد تائين فصوص الحڪم، قرآن شريف جو تفسير به آهي.

ابن العربي اهو پهريون مسلمان مفڪر آهي، جنهن ڪلام الاهيءَ جي روشنيءَ ۾ انسان ڪامل جي باري ۾ هڪ مڪمل نظريو پيش ڪيو. سندس تصنيفون الاهيات ۽ تصوف جي حوالي سان شاهڪار ۽ بنيادي اهميت رکندڙ آهن. سنڌ جا اڪثر صوفي شاعر کانئس متاثر آهن، جن ۾ شاهه لطيف سرِفهرست آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]