جھولڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جهولڻو __(Jhoolnoo):

حضرت سچل سرمست (1739-1829ع) جي رسالي ۾ هڪ انوکي صنف ”جهولڻو“ ملي ٿي، جيڪا اڳ ۾ ڪنهن به سنڌي شاعر وٽ نظر نه ٿي اچي. البته روحل فقير جي هندي ڪلام ۾ ”جهولڻو“ ملي ٿو، پر فني سٽاءَ جي لحاظ کان روحل فقير (1734-1804ع) جي هندي جهولڻي ۽ سچل سرمست جي جهولڻي ۾ فرق آهي. روحل فقير جي هندي جهولڻي ۾ اڪثر چار سٽون ٿين ٿيون، ۽ هر سٽ جو وزن عام بيت جي وزن کان وڏو ۽ اينگهه وارو ٿئي ٿو. سچل سرمست جي جهولڻي جو هر بند گهڻو ڪري اَٺن سٽن جو ٿئي ٿو، ۽ نائين سٽ وراڻيءَ جي اچي ٿي. سچل سرمست جي رسالي ۾”سسئي پنهون“ بابت جهولڻو ملي ٿو، جنهن ۾ اهڙا پنجاهه بند آهن. هر بند يا بيت کان پوءِ جيڪي وراڻيون اچن ٿيون، اهي پاڻ ۾ هم قافيه آهن. هر بند جي سٽ جو وزن ننڍو ۽ گهڻو ڪري هندي جهولڻي جي سٽ جي اڌ جيترو آهي. ڄڻ چئن سٽن کي اَٺ سٽون ڪري رکيو ويو آهي. قافيو بند جي سمورين سٽن جي آخر ۾ اچي ٿو، ۽ هر بند يا بيت جو جدا جدا قافيو آهي. حضرت سچل سرمست جي ”سسئي ۽ پنهون“ جي جهولڻي مان هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو: سرتيون سڀ ٿيس صلاحي، هو تان راهه وٺي پيا راهي، ڇوٿينءَ ڪڍ تنين جي ڪاهي، ڏونگر ڪيم ڏسائج ڏاهي، حـَـبَ ۾ ڪونه ڪندءِ همراهي، هت ٿو سنگ منجهائي ساهي تڏهن ڇپ ڪرڻ تو ڇاهي، پر هو اهڙو امر الاهي: ٻيا سڀ ويهه تون وهم وساري [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي