جگجيت سنگهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جگجيت سنگهه
Jagjit Singh (Ghazal Maestro).jpg 

معلومات شخصيت
ڄم 8 فيبروري 1941[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 10 آڪٽوبر 2011 (70 سال)[3][4][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ممبئي[5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
رهائش ممبئي
راجستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
شھريت Flag of India.svg ڀارت[6][7][1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
IND Padma Bhushan BAR.png پدم ڀوشن (2003)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو award received (P166) وڪي ڊيٽا تي
ويب سائٽ
IMDb logo.svg IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

راڳي جگجيت سنگهه 8 جنوري 1941ع تي گنگا نگر، راجسٿان ۾ ڄائو. سندس والد سردار امر سنگهه سرڪاري نوڪريءَ ۾ هو. سندس ماءُ بچن ڪور سخت مذهبي قسم جي سک عورت هئي. هيءُ ايم. اي پاس آهي. ننڍي هوندي کان ئي راڳ سان ناتو جڙيل هوس. پنڊت چنگل لال شرما کان پهريائين راڳ جي سکيا گنگا نگر ۾ ئي ورتائين. بعد ۾ استاد جمال خان کان خيال، درپد، ۽ ٺمري جي تعليم ڇهن سالن تائين ورتائين. پنهنجي مستقبل جي ڳولا ۾ 1965ع ڌاري بمبئي آيو ته ان وقت راڳ جي دنيا جا وڏا وڏا نالا پهرين جاءِ والاريو ويٺا هئا. هن جي ڳائڻ جي شروعات شادين مرادين ۾ ڳائڻ ۽ ايڊورٽائيز ڪمپنين کي آواز ڏيڻ سان ٿي. 1970ع ۾ غزل جي دنيا ۾ وڏا نالا، نورجهان، مهدي حسن، ملڪه پکراج، بيگم اختر، ڪندن لال سهگل، طلعت محمود وغيره موجود هئا. انهن جي موجودگيءَ ۾ هن سخت محنت سان ڇهن سالن اندر پنهنجي جڳهه ٺاهي ورتي. هن کي غزل ڳائڻ ۾ ملڪو حاصل هو ۽ آهي. 1967ع ۾ هن جي چترا سان ملاقات ٿي، جيڪا پڻ گائڪه هئي. 1969ع ۾ ٻنهي شادي ڪئي. ٻنهي جي جوڙي ڳائڻن طور ڏاڍي مشهور ٿي. کين هڪ پٽ وويڪ نالي هو، جيڪو 21 سالن جي ڄمار ۾ هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. چترا ڏک سهي نه سگهي ۽ ڳائڻ ڇڏي ڏنائين. جگجيت به دکي ٿيو، پر هن ان ڏک کي آواز ۾ شامل ڪري ڇڏيو. غزل ڳائيندو آهي ته اها درد جي لهر سندس آواز مان بکندي آهي.کيس ته جهوريندي آهي، پر ٻڌندڙ به ٻڏي ويندا آهن. هن پوءِ بي انداز غزل ڳايا. بي انداز فلمن جو پلي بيڪ سنگر ٿيو. مرزا غالب هڪ ٽي وي ڊرامو هو، ان جا ڳايل نغما تمام گهڻو مقبول ٿيا، جنهن کيس مٿانهون مقام ڏنو. سون جي تعداد ۾ سندس البم آهن. هندستان توڙي پاڪستان ۾ لکن جي تعداد ۾ سندس ٻڌندڙ موجود آهن. واقعي آواز جي ڪا به سرحدڪو نه آهي. هو ٻه ڀيرا پاڪستان به آيو آهي. 2006ع ۾ زلزلي جي ستايلن جي امداد لاءِ محفلون ڪيون هئائين. 2003ع ۾ هند سرڪار کيس ’پدما ڀوشن‘ جي اعزاز سان نوازيو. پاڻ ڪمبالا هلس بمبئي ۾ رهي ٿو.[8]