مواد ڏانھن هلو

جيڪب اسٽلنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جيڪب اسٽلنگ

جيڪب اسٽلنگ:Jakob Stilling:(جنم:22 سیپٽمبر 1842؛ وفات: 30 اپريل 1915) جرمني جي شھر ڪيسل (Kassel)جو افٿالمولاجسٽ ( اکين جي بيمارين جو ماھر ڊاڪٽر)جو نالو آهي.پاڻ ھڪ سرجن جو پٽ ھو جنھن جو نالو بينيڊڪٽ اسٽلنگ (ڄم 1810؛ موت 1879) ھو ھن طب جي تعليم پيرس ۽ ورزبرگ (Würzburg) مان حاصل ڪئي ۽ 1865 ۾ کيس ڊائريڪٽوريٽ جي ڊگري ملي. 1867 ۾ ڪيسل ۾ اکين جو ڊاڪٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ھن افٿالڪ ميڊيسن ۾ وڌيڪ تعليم پيرس، برلن ، ويانا ۽ ٽيورن(Turin) ۾ حاصل ڪئي.1884 ۾ ھي يونيورسٽي آف اسٽراس برگ ۾ پروفيسر ٿيو جتي ھن پنھنجي ڪيريئر مڪمل ڪيو.

ڪارناما

[سنواريو]

ھن 1887 ۾ ھن اکين جي حرڪت ۾ ٿيندڙ خرابي جي بيماري بابت ٻڌايو ان بيماري جو نالو سندس نالي تي اسٽلنگ وارو سينڊروم (Stilling's syndrome) پئجي ويو. 1877 ۾ ھن اسٽلنگ واري رنگن جي ٽيبل (Stilling's colour table) متعارف ڪرائي جنھن ۾ ڪلر بلائينڊيڊنيس جي بيماري چڪاسڻ لاءِ سيوڊو آئسوڪروميٽڪ چارٽن(pseudo-isochromatic charts) جو استعمال ٿيل آهي. ان کان علاوه ھن گلوڪوما (glaucoma) جي اڀياس تي ھڪ ڪتاب پڻ لکيو.